لانڍي جيل ۾اهلڪارن قيدي تي وحشياڻي تشدد بعد باھ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي لانڍي جيل ۾ اهلڪارن قيدي وحشياڻي تشدد بعد باھ ڏئي ڇڏي، اتحاد ٽائون ٿاڻي جي پوليس هٿان 3 سال اڳ گرفتار ڪري لانڍي جيل ۾ قيد ڪيل قيدي علي رضا بلوچ جي ڀيڻ بختاوربلوچ ، ماءُ رضيه بلوچ، ڀيڻ ساديه ۽ وڪيل گل حسن بلوچ احتجاج ڪندي چيو آهي ته پهرين آگسٽ تي علي رضا کي عدالتي پيشي تي سٽي ڪورٽ آندو ويو ته شديد زخمي هو، معلوم ڪرڻ تي پتو پيو ته هن مٿان جيل انتظاميا سخت تشدد ڪري رهي آهي، علي رضا بلوچ کي اتحاد ٽائون پوليس 2018 ۾ ٻن دوستن سميت گرفتار ڪيو هو ۽ چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جيل سپرنٽينڊنٽ ملير ۽ جيل پوليس پيسا نه ڏيڻ تي سخت تشدد ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.