لاڙڪاڻي ۾ واپاري کان 32 لک ڦر جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻو شهر جي ڪئنيڊي مارڪيٽ وٽان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو ميڊيڪوز جي واپاري کان ڦر ٿيل 32 لک روپين واري واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ نوٽيس وٺندي 14 پوليس آفيسرتي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جاچ ڪاميٽي ۾ 2 ڊي ايس پيز، 4 ايس ايڇ اوز سميت 8 ڄڻن تي مشتمل جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي آهي جيڪا ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪم ڪندي، ربطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ٻڌايو ته جلد ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ويندي، هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ڏوهارين خلاف جلد وڏو آپريشن شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.