عمرڪوٽ ۾نوجوان دوست کي مارڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفي مھر ) عمرڪوٽ ضلعي جي شھر ڍورونارو ۾ ڏکويندڙ واقعو پيش آيو آھي شھر جي دڙو واري علائقي ۾ ھڪ دوست ديپڪ ڪلال سندن ٻي دوست شعيب مغل کي ڪچھري دوران معمولي  ڳالھ تان گولي ھڻن بعد پاڻ به فائر ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو واقعي جي اطلاع تي پاڙيوارا، فوتين جا وارث ۽ پوليس ڄاڻايل ھنڌ پُھتا جتان کيس رورل ھيلٿ سينٽر ڍورونارو پُھچايو جتي ڊاڪٽرن ٻنھي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد سندن گھرن ڏانھن نيا ويا ته لاش گھر پُھچڻ تي روڄ راڙو قھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ پڻ سوڳوار ماحول ڇائينجي ويو واقعي بابت پوليس موجب شروعاتي رپورٽ ۾ ھڪ دوست ديپڪ ڪلال سندن دوست شعيب مغل کي گولي ھڻن بعد پاڻ به فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آھي فوتي پاڻ ۾ گھاٽا دوست ھئا ۽ وارثن به ٻنھي جي واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته  وارثن موجب اسان پاڻ ۾ پاڙيسري آھيون اسان پنهنجي ڪاروبار تي شھر ھئاسين اسان کي اوچتو اطلاع مليو ته ڇوڪرا گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويا آهن ٻئي ڇوڪرا پاڻ ۾ دوست ھئا ايس ايڇ او موجب اسان مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.