جيڪب آباد ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، عورت زخمي

جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي حد بقا پل  وٽ پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري صحبت پور جي رھواسڻ عورت مسمات مھلان زال فيض محمد ميراڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.  زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو انھي موقعي تي مسمات مھلان جو چوڻ ھو ته جوابدارن سانول ميراڻي اربيلو ميراڻي ۽ نادر ميراڻي مونکي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو آھي جوابدار صحبت پور بلوچستان جا رھواسي آھن جاواردات تان جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا آھن ھنن ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنو کان مطالبو ڪندي چيو ته فورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.