خيرپور جي يوسي شادي شهيد جا ڳوٺ ٻڏي ويا، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

خيرپور  ( س ر )   يوسي شادي شھيد ۾ لاڳيتو چوماسي برساتون پوڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميہ جا پول پڌرا ٿي ويا يونين ڪائونسل شادي شھيد  جي ڳوٺن ڳوٺ درگاه حضرت سخي شادي شھيد ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ڳوٺ درگاه سخي شادي شھيد ۾ پورھيت گلاب فقيررند ،گل محمد شيخ ،فتح محمد بگٽي  ۾ چوماسي برساتن سبب پاڻي بيھڻ ڪري گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ،پورهيت کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن درگاه حضرت سخي شادي شھيدجو سجاده نشين فقير ذاڪرحسين رند ،فقير ميرنادرحسين رند غازي خان موساخيل استاد حبيب الله لاکو۽ ٻين جي ميڊيا کي  ٻڌايو ته اسين سالن کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا ٿا اچون، رڳو خالي دلاسن کان سواءِ ڪجھ ناهي مليو هن وقت اسان ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون ڪو بہ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي سجادہ نشين فقيرذاڪرحسين رند ڳالهائيندي چيو تہ ديھ حضرت سخي شادي شھيدوارڊ نمبر 3 پھاڙي پٽي ۾ آهي برسات سبب  پھاڙن جي اوچائي  تان لھندڙ پاڻي ڳوٺن فصلن ۽ سنڌ جو ٻيو نمبر قبرستان درگاه حضرت سخي شادي شھيدجوقبرستان آهي تقريبن 50کان وڌيڪ ذاتين جوقبرستان آهي پھاڙتان لھندڙ پاڻي قبرستانن کي مسمار ۽ ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو آهي قبرن ۾بلڪل گهاره پئجي چڪا آھن فقير ذاڪرحسين رنڊ وڌيڪ چيو تہ ڊي سي خيرپور ٻين علائقن جو دورو ڪري ٿوپردرگاه حضرت سخي شادي شھيد ۾ ڪوئي دورو يا ڪا مدد نہ ڪئي آھي يا ڪو ڏک سورڪا مدد راشن مڇردانيون کليل آسمان ھيٺا ويٺلن ٽئيٽ وغير نہ ڏنو ويو آهي ايم اين اي ڊاڪٽرسيده نفيسا شاه جيلاني ۽ ايم پي اي منوروحسين ساڻ  يا ڊي سي خيرپورطرفان جيڪي ڪجھ  موجوده بلدياتي چونڊيل نمائيدن کي مليوآهي انهن پنھنجا نوازيو پاليسي ڪري خوشامند تي ڏنو آهي  اسان تڪ جي ايم اين اي  ڊاڪٽرسيده نفيسا شاه جيلاني ۽ ايم پي اي منورحسين وساڻ ،سينئر صوبائي وصلاحڪار منظور حسين وساڻ ۽ وزير عليٰ سنڌ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زداري، ڊي سي خيرپور  کان مطالبو ٿا ڪريون تہ چوماسي برسات متاثرن جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ نوٽيس وٺي بينظير هائوسنگ اسڪيم مان گهرٺهرائي ڏنا وڃن  ،

  • سکر ۾ برساتن بعد زبون حال سرڪاري عمارتون ڪرڻ شروع

سکر ( رپورٽ : اختيار علي چنا ) سکر ۾ برساتن پوڻ کانپوءِ زبون حال سرڪاري عمارتون ڪرڻ شروع ٿي ويون، رهائشي خاندان معجزاڻي طور محفوظ رهيو، ان ڏس ۾  سکر جي گرم گودي واري علائقي ۾ ريلوي کاتي جون اڏيل پراڻيون زبون حال عمارتن جون ڇتيون برساتون پوڻ سبب ڪري رهيون آهن، ريلوي سليپر فيڪٽري جي ڪلرڪ غلام مرتضي مهر جي گهر جي ڇت پڻ اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن دوران گهر ڀاتي معجزاڻي طور محفوظ رهيا، گهر ڌڻي جو چوڻ آهي ته گرم گودي ۾ ريلوي کاتي جون سرڪاري عمارتون تباهه حال ٿي ويون آهن، ملازمن کي پراڻيون عمارتون الاٽ ڪيون ويون آهن، جتي هو خاندانن سميت رهائش پذير آهن، تازين برساتن بعد ريلوي جا زبون حال ڪوارٽر ڊهندا پيا وڃن، اعلي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير به نوٽيس نٿو وٺي، جنهن سبب ڪنهن به وقت جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي

  • ساماري ۾زميندارن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

سامارو ( رپورٽ ڪيول سورماڻي )  سامارو لگ هيرل واسي زميندارن  علائقي واسين جو پريس ڪلب سامارو بعد اي سي آفيس سامهون  يوسي ستڙيون مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سرڪاري طور واهر نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو  احتجاجي مظاهري ۾ اگواڻن مصري نقرچ علي غلام ,محمد اشرف هاليپوٽو , خانو هاليپوٽو , حبيب الله قائمخاني جسم اگواڻ اسلم مهر ۽ ٻين پريس ڪلب سامارو کان ريلي ڪڍي اي سي آفيس اگيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي اگواڻن چيو ته اسان جون ٻنيون اسان جا گهر پاڻي هيٺ آهن برساتي پاڻي ۾ ٻارڙو فوت ٿيو آهي فصل تباھ ٿيا آهن مگر انتظاميا خاموش ويٺل آهي . يوسي ستڙيون جون 8 ديهون ٻڏل آهن فنڊ بجٽ کايو پيو وڃي ۽ اسان ٻڏي رهيا آهيون سم نالو جي کوٽائي نه نٿي ڪرائي وڃي  اگواڻن چيو ته هفتي اندر پاڻي ڪڍرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج وڌايو ويندو . ان مپقعي تي مختيارڪار سامارو آفيس جي آفيس سپريٽنڊنٽ سليم سومرو مظاهرين سان گالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

ٻهارا ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهر ۽ فصل ٻڏي ويا

ٻھارا(رپورٽ احمد علي)سنڌ سميت ٻھارا يو سي ۾ برساتي وسڪارن تباھي مچائي ڇڏي شھر سميت پوري يونين ڪائونسل ۾ ديھن ڳوٺن گھرن ۽ زرعي فصلن کي برسات پنھنجي لپيٽ آڻي ٻوڙي ڇڏيو جنھن ڪري غريبن گھر اجا ڪري پيا آھن ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ھيٺ زرعي فصل ٻوڏ سبب تباھ برباد ٿي ويا آبادگارن جا مٿي تي ھٿ مسڪينن جا اجا ڊھي پوڻ ڪري کلي آسمان ھيٺ بي  يارو مددگار بڻيل تازين پيل برسات لکين روپيا رکندڙ بجيٽ پونين ڪائونسل جي ايڊمنشٽر۽سيڪريٽري جا پول کولي ڇڏيا شھر  ۾  ھر طرف گندو پاڻي بيٺل ڪچڙ ۽ گندگي جا ڍير لڳل شھري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور مک بازارون بوائيز پرائيمري اسڪول نوراني مسجد اڳيان گندگي ڪچڙ جا ڍير انتظاميا غائب گندگي وڌڻ ڪري شھري توڙي ٻھراڙي جي عوام جو اچڻ وڃڻ پڻ محال بڻجي ويو انتظاميا جي لاپرواھي ڪري ڪچڙ گندگي وڌڻ ڪري مليريا ڊائيريا جھڙن موضي مرض جنم وٺڻ لڳا آھن ھتان جي رھواسين سراج علي خاصخيلي شاھزيب سونارو مدثر خاصخيلي معشوق خواجه اويس لاسي رمضان ملاح گلشير ڪنڀر ۽ ٻين مطالبو ڪيو آھي ته يونين ڪائونسل کي آفت سٽيل قرار ڏئي شھر ۾ گندگي جو نوٽيس وٺي ھتان جي عوام کي پريشانين کان بچاءُ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن.

  • خيرپور جا ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، پاڻي گهرن ۾ داخل آهي

خيرپور (س ر)پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي سينئر اڳواڻ  ميڊم حنا شاهه جيلاني ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي برسات سٽيل علائقن ۾ رليف  تقسيم ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته يوسي شادي شهيد ، يوسي ڪوٽلو ، يوسي گوندرڙو سميت مختلف علائقن جا سوين ڳوٺ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن ، جتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي چڪو آهي متاثرين ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن ، هن علائقن جي متاثرين کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آهن ، حنا شاهه چيو ته اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهيون هي وقت سياست نه پر خدمت جو آهي انساني جذبي تحت خدمت ڪرڻ جي ضرورت آهي ، حنا شاهه جيلاني چيو ته ضلع انتظاميه ، سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کي گهرجي ته برسات سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي فوري طور تي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو ٻن ويلن جي ماني پيٽ ڀري کائي سگهن ،  ان موقعي تي ميڊم زبيده نوناري ، صحافي شاهد نواز سيال ، عامر لاشاري ۽ ٻيا موجود هئا .

  • گاڙهي ويجهو يوسي جاڙا دالي ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بدبودار بڻجي ويو

ڳاڙهو ( ن ع آ)يوسي جاڙادالي ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بدبودار بڻجي ويو، گيسٽرو جي وبا بي قابو، مليريا تي ضابطو نه اچي سگهيو، ٽي نوجوان نانگن هٿان ڪکجي ويا. ان ڏس ۾ اڃان تائين يونين ڪائونسل انتظاميا مليريا اسپري ۽ جمح ٿيل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه وٺي سگهي آھي. يوسي ايڊمنسٽريٽر الطاف حسين ڀٽي جي نااهلي سبب ھزارين ماڻھو مڇرن  جو کاڄ بڻجي بيمار ٿي پيا آھن. جڏھن ته برساتن جي لڳاتار وسڻ سبب يوسي جاڙادالي جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ مھرو لاشاري، عثمان جاڙو، حاجي قادر بخش جاڙو، بچل لاشاري سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن. جتي جمح ٿيل پاڻي بدبودار بڻجي ويو آهي. جنهن سبب گيسٽرو جي وبا پکڙجي وئي آهي ٻين به ڪيترين ئي بيمارين جنم ورتو آهي. ٻي پاسي جاڙا، لاشاري ۽چانڊيا برادري جي ٽن پورهيت نوجوان ھارين کي رات پيٽ ۾ ڪاري نانگ ڪکي وڌو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال مڪلي نيو ويو. اھڙي صورتحال کان پوءِ سماجي حلقن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪندي خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن يوسي جاڙادالي جي مذڪوره مسئلن تي تعلقي ايڊمنسٽريٽر جوڳا اپاءَ نه ورتا ته مليريا گيسٽرو ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو ۽ مختلف بيماريون انساني جانين لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي پونديون. ھتان جي مقامي سماجي ساڃاھ وندن مير ممتاز، بچل لاشاري، گل محمد ماڇي، نم خاصخيلي، محمد خان گنبو بلوچ، عرس مڙھائي، رشيد ماڃريو ۽ ٻين ڊي سي ٺٽو ۽ ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته يوسي جاڙادالي جي مذڪوره مسئلن جي داد رسي ڪري مقامي ماڻهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

  • ميهڙ ويجهو ايم اين وي ڊرين کي 50 فٽ گهارو، آبپاشي کاتو اڻڄاڻ

ميھڙ(ت ر) ميهڙ بلوچستان واري جابلو پٽي مان ايندڙ پاڻي حمل ڍنڍ ۽ ايم اين وي ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پوء ايم اين وي ڊرين کي ڳوٺ چارو ڀرسان 50 فوٽ گهارو پئجي ويو آھي گهاري کان آبپاشي کاتو بي خبر بڻيل آھي، ايم اين وي ڊرين کي گهارو پوڻ سبب پاڻي ۔ چارو ۔ فيض محمد ڪولاچي ڳوٺن سميت ٻين ويجھن ڳوٺن ڏانهن وڌڻ شروع ٿي ويو آھي، ڳوٺاڻن موجب ايم اين وي ڊرين جا ڪپر انتهائي ڪمزور آھن برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کان پوء ڊرين جي ڪا به مالڪي ناهي ڪئي وئي آبپاشي عملو گم آھي، مٿان کان پاڻي اچي رهيو آھي مشينري نه پهتي ته سمورو علائقو ٻڏي ويندو جڏهن ته  ڳوٺاڻن پاران چيو ويو آھي ته هيوي مشينري نه پهتي ته حمل ڍنڍ ۔ زيرو پوائنٽ ۽ بلوچستان کان ايندڙ پاڻي وڏي تباهي آڻيندو.ڳوٺاڻن پاران هيوي مشينري ذريعي ايم اين وي کي لڳل گهارو بند ڪرڻ ۽ ايم اين وي ڊرين جي ڪپرن جي مرمت ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آھي.

  • ڪنڌڪوٽ ويجهو سنڌوءَ ۾چاڙهه، ڪي ڪي بند تي دٻاءُ

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ : ممتازسنڌي )  گڊو بيراج ۾ ننڍي ٻوڏ جي صورت حال برقرار ڪي ڪي بچاء بند 18 ميل تي پاڻي جو دباء وڌي ويو  اريگيشن عملو الرٽ ٿي ويو ڪي ڪي بند تي درياء جو رخ ھجڻ ڪري ايمرجنسي ۾ ھنگامي طور تياريون ڪري اريگيشن کاتي جي اعلي عملدارن معائنو پڻ ڪيو انھي حوالي سان اريگيشن  عملدار نظير احمد شاھاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته بچاءُ بند مضبوط آهن پاڻي جو ويڪرو بند کي لڳڻ ڪري اسين ايمرجنسي جون تياريون ڪيون آهن مٽي ۽ پٿر جمع ڪري ڇڏيو آهي برساتن جي امڪان سبب اسان جو سمورو عملو ڏينهن رات بندن جي نگراڻي ڪري رھيا آهن ڳوٺاڻن جو به تعاون آهي.

  • ميروخان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

ميروخان (ن ع آ ) ميروخان شھر جي اڪثر محلن مان ٽائون انتظاميا برساتي ۽ نالين جو گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي آھي شھر  جي يوسف ڪالوني گلشن آباد ڪالوني لطيف آباد محلي سميت گرلس اسڪول اڳيان برساتي پاڻي ھن وقت به بيٺل جڏھن ته ڊائمنڊ پبلڪ اسڪول ميروخان جي شاگردن ، شاگردياڻي ۽ استادن طرفان اسڪول ڏانھن ويندڙ رستن تان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي ٽائون انتظاميا خلاف اسڪول جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ايڊمنسٽريٽر شڪيل احمد وسطڙو ۽ ٽائون آفيسر ارباب علي مستوئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.  ان موقعي تي احتجاج ۾ موجود اسڪول جي استادن ۽ شاگردن عبدالستار تنيو, عبدالرزاق جويو, سيف الله جکرو, واحد بخش ابڙو, رياض ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسڪول ۾ 1100 ٻار داخل آهن ۽ ڊائمنڊ پبلڪ اسڪول ميروخان تعلقي جي بھترين ۽ مثالي اسڪولن مان ھڪ آهي ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته برسات بعد اسڪول ايندڙ رستن تي برساتي ۽ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنھن ڪري اسڪول ايندڙ شاگردن کي تمام گھڻي تڪليف ٿيندي آھي ٽائون انتظاميا يا ٽائون عملو ھتي صفائي ڪرائڻ لاء نه پھتو آهي ھنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن  کي چيو آهي ته رستو ٺاھي ڏنو وڃي پر ڪنهن به معصوم ٻارن تي رحم نه ڪيو.ئي پاسي معصوم ٻارن ٻڌايو ته اسان جڏهن اسڪول ايندا آھيون ته روز رستن تي ڪري پئون ٿا خدارا رستا ٺھرائي ڏنا وڃن.

  • اڪري چودڳي جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ مڪمل ٻڏل

اڪري چودڳي (ن ع آ) يوسي اڪري جي ڳوٺ فقير غلام حسين شر کي تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي سرڪار سميت سياسي جماعتن  وساري ڇڏيو .برسات وسڻ کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي ۾ مڪمل ٻڏل 60 گهرن تي مشتمل ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء سرڪار توڙي سياسي جماعتن ڪو ڪردار ادا نه ڪري سگهيون. ڳوٺ جي سمورن گهرن ۾ 2 فوٽ کان وڌيڪ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب روزانو جي بنياد تي رهواسين جا گهر ڪرڻ پڻ معمول بڻيل آهي. ڳوٺ ۾ موجود پرائمري اسڪول جامع مسجد ۽ڳوٺ مان شهر اسپتال مارڪيٽ ويندڙ رستو پڻ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن. ڳوٺ ۾ برساتي پاڻي جي لاڳيتو موجود هجڻ سبب مڇر جيت مکيون پيدا ٿي پيون ،فصل ۽زمينون برساتي پاڻي جي نظر ٿيڻ سبب مال متاع پڻ بک تي مرڻ لڳو .ڳوٺ واسين الھڏتو شرمسمات خانزادي رحمت الله مسمات نواب خاتون وحيد شر رضامحمد سميت ٻين ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته برسات بعد برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء يوسي اڪري جي ٻين ڳوٺن ۾ ٿورو گهڻو ڪم ٿيو پر واحد ڳوٺ اسان جو آهي جنهن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي .هنن بيوسي وچان دانهيندي چيو ته شايد اسان پاڪستاني يا سنڌ واسي ناهيون جو انڪري صرف سياسي مخالفت جي بنياد تي اسان کي برساتي پاڻي جي عذاب ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

  • سانگهڙ ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو جو برسات متاثر علائقن جو دورو

سانگهڙ (ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نويد ڏيرو سانگھڙ جي برسات متاثر علائقن گجري جي چڪ نمبر 83, يونين ڪائونسل  مياڻ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ رليف جي ڪمن جو جائزو ورتو  ان موقعي تي ايم اين اي نويد ڏيرو علائقي واسين سان ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ انهن جا مسئلا پڻ ٻڌا ان علائقي واسين کي ٻڌايو ته برسات جو ڪافي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آھي جڏھن ته رليف جو ڪم پڻ جاري آھي ڪرين مشينن جي ذريعي سم نالن جي کوٽائي پڻ ڪئي پئي وڃي ته جيئن عوام کي رليف فراهم ٿي سگهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي نويد ڏيرو چيو ته سانگهڙ جي مختلف علائقن ۾ سم نالن جي کاٽي ڪئي پئي وڃي جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آھيان جڏھن ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آھي جڏھن ته مختلف يونين ڪائونسلن ۾ مڇر مار اسپري به ڪرايو ويندو چوپائي مال ۾ بيماري کان پوء لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيمن کي به مختلف ڳوٺن ۾ موڪليو پيو وڃي ته جيئن ويڪسينيشن جو عمل ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.