ٽنڊو محمد خان ۾ نوجوان گم، امڙ جو ڳولا لاءِ احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو شهر جي مشترڪه ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن عورت ڪاري حاجاڻو سندس  پٽ گمشدگي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته آئون غريب مسڪين آهيان ، گذريل ڏينهن منهنجو پٽ محبت حاجاڻو ڳوٺ حسين خان لغاري ويو هو جتان هُو گم ٿي ويو آهي ، مون تمام گهڻي ڳولها ڪئي آهي پر هن جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي ، مون پٽ جي گمشدگي خلاف ٽنڊو محمد خان ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي،  هن وڌيڪ چيو ته صادق حاجاڻو ، سڌير حاجاڻو ، رياض ۽ ٻين مون کي پهرين به ڌمڪيون ڏنيون آهن ، مذڪوره ماڻهن ئي منهنجي پٽ کي گم ڪري ڇڏيو آهي ، هن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت اعلى اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.