ميهڙ ۾شاگردن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف کوکراپار ۾احتجاج

کوکراپار(ن ع آ) ڪراچي ۾ شاگردن جي تنظيم يونائٽيڊ اسٽوڊنٽ الائنس ضلع دادو جي شھر ميھڙ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ شاگردن صحافين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تعت ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي  فوري طور تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ڪالھ شاگردن جو وفد  عوامي پريس ڪلب ملير پھتو جتي  پرھجوم ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي شاگرد تنظيم يونائٽيڊ اسٽوڊنٽ الائنس جي صدر رانا بخت جمال جنرل سيڪريٽري سجاد علي ٻٻر ميمبر ايگزيڪٽو ڪميٽي مير ايوبي شاگردياڻين جي صدر مس فرحين مجاھد عمير علي ھدايت علي ۽ ٻين اڳواڻن چيو آھي ته ويھ ڏينھن اڳ ميھڙ ۾ گندگي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاء پرامن احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ھو جنھن ۾ شاگردن صحافين سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ھئي جنھن تي   ھن جمھوري دور ۾ به مارشلا  جھڙو رويو اختيار ڪندي ضلع دادو جي ايس ايس پي ۽ ضلعي انتظاميا عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران احتجاج ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ صحافين شير محمد آگرو احمد خان ٻرڙو شڪيل احمد عطار عمران علي اسماعيل بروھي رضوان آگرو سميت ٽيھن کان وڌيڪ ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري لاقانونيت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.