کوکراپار ۾جماعت اسلامي اميدوار پاران اغوا ڪري هٿ کڻائڻ خلاف احتجاج

کوکراپار(ن ع آ) جماعت اسلامي طرفان يوسي گڏاپ لاء نامزد چيئرمين محمد اسماعيل جوکيو وائيس چيئرمين شڪيل احمد بلوچ ۽ ڪائونسلر الھبچايو گبول سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته ملير ۾ مختلف سياسي پارٽين ۽ آزاداميدوارن جو مقامي ادارن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ عذاب بڻجي ويو آھي ن سلسلي ۾ مخالفن سخت انتقامي ڪاروايون ڪندي پھريائين يوسي ريڙھي ۾ جماعت اسلامي جي مقامي اميدوارن کي زبردستي ھٿ کڻايو جنھن بعد  يوسي گڏاپ جي اميدوارن خلاف انتقامي ڪارواين جي  شروعات ڪئي ويئي آھي انھي سلسلي ۾ جماعت اسلامي يوسي گڏاپ جي چيئرمين شپ تي نامزد ڪيل اميدوار محمد اسماعيل جوکيو جو چوڻ ھو ته مون جيئن يوسي جي چيئرمين لاء نامزدگي فارم ڀرايو ته ڄڻ ڀنڀور کي باھ لڳي ويئي ۽ منھنجي خلاف نه ختم ٿيڻ وارين انتقامي ڪارواين جو سلسلو شروع ٿي ويو ھن چيو ته مون کي اغوا ڪري اليڪشن ڪميشن ملير جي آفيس آندو ويو جتي زبردستي ھٿ کڻائڻ جي درخواست لکرائي جمع ڪرائي  ويئي پر مون پنھنجي پارٽي جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪري فارم ٻيھر بحال ڪرايو ۽ ھٿ کڻڻ کان انڪار ڪندي پنھنجون چونڊ سرگرميون شروع ڪري ڏنيون جنھن کي ڏسندي مخالفن ھڪ ڀيرو ٻيھر منھنجي خلاف رڻ ٻاري ڏنو، يوسي گڏاپ ۾مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي مخالفن طرفان اسان کي ڌمڪين سبب اسان جي زندگين کي خطرو آھي جن جي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جون زندگيون بچائي اسان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏنو وڃي جيڪڏھن اسان کي ڪجھ به  ٿيو ته ان جا ذميوار اسان جا مخالف ھوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.