ميهڙ ۾ واپارين جي سڏ تي بدامني ۽ پوليس خلاف احتجاج، شٽربند هڙتال

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميهڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني، ون فائيو سينٽر ڀرسان اعواڻ ميڊيڪل اسٽور، شيراز ميڊيڪل اسٽور سميت 4 اسٽورن ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لکين روپين جي ڦرن واري واقعن خلاف واپاري تنظمين چئيمبر آف ڪامرس، ڪلاٿ مارڪيٽ، صرافا بازار، جنرل مرچنٽ، ميڊيڪل اسٽور يونين، شوروم مالڪان ۽ ٻين واپاري تنظيمن پاران ڏنل ٽوڪن هڙتال واري سڏ جي موٽ ۾ ميهڙ ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال رهي، واپاري تنظيمن پاران شهر جي ريشم گلي، ڪلاٿ مارڪيٽ، اناج بازار، سبزي مارڪيٽ، ميڊيڪل اسٽورن، سونارا بازار، شاھي بازار، سميت اڪثر ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آھن، ميھڙ شھر جا اڪثر ڪاروبار دڪان مارڪيٽ ۽ ميڊيڪل اسٽور مڪمل بند ھجڻ سبب شھرين ۽ علائقي واسين کي تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو پر پوليس انتظاميه پاران ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آھن شھري ، واپاري، دڪاندارن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ ھڙتال جي حمايت ڪندي امن امان جي بحالي لاءِ پرامن احتجاج ڪيو ۽ شديد نعريبازي ڪئي. واپاري اڳواڻن چئمبر آف ڪامرس جي ضلعي اڳواڻ ذوالفقار کوکر ميڊيڪل اسٽور يونين جي اڳواڻن شفيق خاصخيلي،آصف اعواڻ،منظور قمبراڻي، شير محمد آڳرو، جاويد آڳرو ۽ ٻين چيو آھي ته ميھڙ شھر ۾  ڏوه وڌي ويا آھن شهرين۔ واپارن سميت ڪو به سلامت ناهي رهيو ۔ ون فائيو سينٽر ڀرسان چئن کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽورن سميت ڪيترن ئي دڪانن شھرين ۽ ڪاروباري ماڻھن شھرين کان موٽرسائيڪلون ۽ سرعام لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي پر پوليس ڦر وارن واقعن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگھي آھي ۽ نه وري ڦرن جي ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آھي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي بدران بدامني ۽ ڦر واقعن خلاف احتجاج ڪندڙن شهري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو صدر عبدالستار چنا، پي ٽي آئي اڳواڻ اسماعيل بروهي،مسرور حيدر ٻرڙو ۽ نوجوان صحافي مير عمران تيوڻو، مير شڪيل عطار واپارين شير آڳرو،گلشير سوڍر، اشتياق تنيو، سيد عبدالستار شاھ سميت شھرين تي دهشگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن  هنن گهر ڪئي آھي ته ميھڙ سميت ضلع دادو جي مقرر نااهل آفيسرن کي هٽائي بدامني کي ٻنجو ڏئي ميهڙ ۾ امن ڪرايو وڃي ميهڙ ۾ واپارين کان ڦر وارن واقعن جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ھي احتجاجي تحريڪ ۽ شٽربند ھڙتال جو سلسلو جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.