ميرپورخاص پوليس جي حيدرآباد ۾ڪارروائي، جوڙو گرفتار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)  ميرپورخاص جي سي آءِ اي، وومين ۽ حد جي ٽائون ٿاڻي جي پوليس ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي واقع زبيده هائيٽس جي هڪ فليٽ تي ڇاپو هڻي فليٽ ۾ زال مڙس جي حيثيت سان رهندڙ لاهور جي رهواسڻ مسلمان ناري نتاشا چوهاڻ ۽ هندو نوجوان انيل ڪمار کي گرفتار ڪري ٿامس آباد جي رهواسي مولوي حماد حميد جي فرياد تي جوابدار انيل ڪمار خلاف قلم 493 اي پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو آهي،  داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته هو ٻارن قران پاڪ پڙهائيندو آهي کيس اطلاع ملي ته زبيده هائيٽس جي هڪ فليٽ ۾ هندو نوجوان مسلمان عورت کي رهائي ويٺو آهي، اهڙي اطلاع تي آءُ، محمد ياسين مڱريو ۽ محمد ابراهيم خان انيل ڪمار جي فليٽ جو دروازو کڙڪايو ته فليٽ مان هڪ عورت نڪني جنن پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس نالو نتاشا راجپوت چوهاڻ آهي ۽ لاهور جي رهندڙ آهيا 5 سال اڳ انيل ڪمار مون سان شادي ڪري يقين ڏياريو ته اسان جو نڪاح ۽  شادي جائز ۽ قانون آهي جنهن بعد اسان زال مڙس جيان گڏ رهون ٿا جيڪا اسلام ۽ آئين جي مطابق ڏوھ آهي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪندي عورت کي طبي چڪاس لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص اندو جتي عورت جا ڪيميڪل جزا وٺڻ بعد عورت کي واپس وومين ٿاڻي آندو ويو جنهن کي اڄ (سڀاڻي) لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ، ذريعن موجب انيل ڪمار ۽ عورت نتاشا گذريل 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان گڏ رهن ٿا جوڙو اڳ سٽلائٽ ٽائون جي هڪ گھر ۾ رهندو هو جتان هو لڳ ڀڳ 2 سال زبيده هائيٽس ۾ رهائش اختيار ڪيل هئي، گرفتار ڪيل عورت نتاشا پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته منهنجي انيل سان محبت جي شادي ٿيل آهي مون سان مذهب مٽائڻ يا ٻي ڪنهن به قسم جي زور زبردستي ناهي ڪئي ويئي آءُ پنهنجي مرضي سان انيل سان گڏ زال مڙس جيان گڏ رهون ٿا هڪ سوال جي جواب ۾ هن پوليس کي ٻڌايو ته انيل ڪمار سان سندس نڪاح ٿيل آهي ۽ انيل کيس ٻڌايو هو ته اسان ٻنهي جو نڪاح قانون جي مطابق جائز آهي انيل پنهنجو هندو مذهب نه ڇڏيو آهي. پوليس موجب هندو نوجوان پاران مسلمان عورت کي گھر ۾ زال وانگر رکڻ جي اطلاع تي وومين پوليس سميت ڇاپو هڻي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي عورت کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻيطرف علماءُ ايڪشن ڪاميٽي ميرپورخاص جي اڳواڻن مولانا حفيظ الرحمٰن فيض چيو ته پوليس پاران مسلمان عورت کي هندو نوجوان جي گھران بازياب ڪرائڻ سٺو عمل آهي مسلمان عورت کي نڪاح کي قانوني ۽ شرعي هجڻ جو يقين ڏياري زال جيان گھر ۾ رکندڙ هندو نوجوان شرعي ۽ قانوني طور ڏوھ ڪيو آهي ان خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جوابدار سزا جي ڊپ کان هاڻ مسلمان ٿيڻ جو ڳالهيون ڪري رهيو آهي هن مسلمان ناري کي ڌوڪي ۽ جعلسازي سان پاڻ وٽ رکيو ۽ سندس عزت سان کڏندو رهيو هي هندوئن لاءِ به ڪارو داغ آهي هن جي انهي عمل سان نفرتون ۽ فساد ڦهلجي سگھي ٿو اقليتن کي اهڙن ماڻهن کي پنهنجي صفن مان ڪڍڻ گھرجي نوجوان کي سڀ خبر هئي ته هو غلط ڪري رهيو آهي پر ان باوجود هو اهڙي ڪريل حرڪت ڪندو رهيو کيس قانون موجب سزا ڏيارڻ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو آهي سخت سزا ڏياري ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.