ڏوڪري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٽائرن کي باهه، آبادگارن جو ڌرڻو

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪريءَ ۾ ٽاٽڙي ريگيوليٽر جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي. ٽاٽڙي ريگوليٽر تي زمينون آباد ڪندڙ آبادگارن جمن ٻگهيو، وڏيرو علي محمد ساريو،  عبدالجبار ساريو، غوث بخش بروهي، حاجي غلام حسين بروهي، ارشد ابڙو، علي گل ساريو، علي اصغر ڪسر، مظهر علي ماڇي ۽ علي حسن مشوري جي اڳواڻيءَ ۾ چنا پل وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڌرڻو هڻندڙ آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انجنيئرز جي نااهليءَ سبب ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي ۽ سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. هنن چيو ته هو سڀ پيپلزپارٽي جا ورڪر ۽ اڳواڻ آهن پر اڄ هو پنهنجي ئي پارٽيءَ جي حڪومت جي غلط پاليسين خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن ڇو ته مقامي طور پي پي هو ئي اڳواڻي ڪن ٿا ۽ عوام کائن پڇاڻو ڪري ٿو. آبادگارن مطالبو ڪيو ته ٽاٽڙي ريگيوليٽر تان پاڻيءَ جي کوٽ فوري طور ختم ڪئي وڃي، جيئن سندن سڪي ٺوٺ بڻجي ويل زمينون آباد ٿي سگهن ۽ عوام سک جو ساهه کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.