اڪري ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب همراهه فوت

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري ڀرسان ڳوٺ خدابخش هيسباڻي۾ زمين تي ڪريل بجلي جي تار هٿ سان مٿي ڪندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ  سبب 60 سالا نائب علي بالادي زمين تي ڪري بيهوش ٿي ويو زمين تي ڪريل همراهھ کي ڏسي زمين تي ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻن وارثن کي اطلاع ڪيو جنهن بعد کيس اڪري جي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي اهڙو اطلاع ملڻ بعد وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو جنهن بعد اسپتال مان سندس لاش اباڻي ڳوٺ نهال خان بالادي نيو ويو جتي سندس جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.