غوثپور واسي فوجي جوان فالج سبب ملتان ۾فوت

غوثپور (ن ع آ ) غوثپور شهر موچي ،ملڪ پاڙي جو رھواسي پاڪ آرمي جو جوان فدا حسين ميراڻي ملتان اسپتال ۾فوت ٿي ويو آهي. ڪجھه ڏينھن اڳ فوجي جوان فدا حسين ميراڻي پاڪ فوج جي ڊيوٽي ڪري رھيو ھو ته سندس ڊيوٽي دوران فالج جي بيماري ۾مبتلا ٿي ويو.  فوجي جوان کي پاڪ آرمي طرفان ملتان جي اسپتال ۾ طبي علاج ڏنو پئي ويو جوان جي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو فوتي جوان جو لاش اباڻي شهر غوثپور ۾ آندو ويو جتي رحيم يار خان کان آيل فوجي جوانن کيس سرڪاري اعزاز سان شھر جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. فوجي جوان جي مغفرت لاءِ پاڪ فوج جي جوانن سميت سوين شھرين دعا پڻ گھري.

غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي خلاف ڊگهڙي ۾احتجاج

ڊگھڙي (ن ع آ )غازي ڳوٺ ڪراچي جي رهواسين تي پوليس چڙھائي تشدد ۽ سنڌي وسنديون ڊاھڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ  جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي،قومي عوامي تحريڪ جي ضلع صدر شوڪت نوحاڻي،عبدالمجيد ٻگهيو،ڪرڙ رٻاري،ارباب نوحاڻي،مقصود ڀرڳڙي،رازو مل ڪولهي،بابو نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڊگھڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ،احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جي شھر مان ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪرائڻ لاء غازي ڳوٺ تي بلڊرز مافيا ۽ پوليس کي بڇ ڪري سنڌي ڳوٺ مسمار ڪرائي سنڌ جي نياڻين تي تشدد ڪرائڻ جو جيڪو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي پيپلزپارٽي سنڌ جي نياڻين جي تذليل ڪري پوليس معرفت پنهجو ڏاڍ قائم ڪرڻ چاهي ٿي جنهب خلاف قومي عوامي تحريڪ روڊن تي نڪتل آهي اسان سنڌحڪومت اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي عوام نڌڻڪي ناهي ڪروڙين سنڌي سندن وارث آهن سندن هرسازش ۽ ڏاڍ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين هنن چيو ته هڪ طرف ڌرتي ڌڻين جا قديمي ڳوٺ مسمار ڪيا وڃن پيا ته ٻي طرف افغانين بهارين ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري  سندن ڪالونيون پڪيون ڪيون وڃن جيڪا سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي اسان سپريم ڪورٽ ۽ وسوارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته غازي ڳوٺ سميت ڪراچي ۾ آباد سموريون قديم سنڌي وسنديون مسمار ڪرڻ بند ڪري کين پڪيون ڪيون وڃن ۽ ملوث پوليس آفيسرن کي معطل ڪري کين سخت سزائون ڏئي ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

  • گلشن مان گم ٿيل نينگر آزاد نه ٿيو، وارث پريشان

گلشن اقبال (ن ع آ ) ڪراچي جي جوھر اسڪوائر واري علائقي مان ھڪ مھينو اڳ 13 ورھين جي سمرن ڌيء پپو ڪولھي پنھنجي گھران معمول جيان ھڪ بنگلي  تي گھريلو ڪم ڪرڻ جي لاء نڪري وئي جنھن بعد ھو مبينـ طور گم ٿي ويل آھي سندس وارثن پاران اھڙي گمشدگي رپورٽ حد جي ڊرگ روڊ ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس گم ٿيل نينگري جي ڳولا لاء وارثن جي ڪا بـ مدد نـ ٿي ڪري جنھن سبب ھو سخت پريشان آھن. نينگري جي والد پپو لعل صحافين وٽ پھچي دانھيندي ٻڌايو تـ ڌيء سمرن ھڪ بنگلي تي ڪم ڪندي ھئي جيڪا ھڪ مھينو اڳ ڪم تي وڃڻ بعد گم ٿي وئي آھي اسان سندس مسلسل ڳولا ڪئي آھي مگر ان جو ڪو بـ ڏس پتو نـ پئجي سگھيو آھي جڏھن تـ ڊرگ روڊ ٿاڻي جي پوليس بـ ڌيء جي ڳولا ۾ اسان جي ڪا بـ مدد نـ ٿي ڪري ھن آء جي سنڌ سميت ٻين وس وارن اختيارن کان گم ٿي ويل نياڻي جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

  • نصيرآباد جي اسڪول ۾سهولتن جي کوٽ، تعليم متاثر

نصيرآباد (ت ر ) گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول شيخ محلا ( ڪاٺيا محلا ڪئمپس)  جو حال اسڪول جي اندروني حالت اوھان سڀني جي سامھون اسڪول ۾ پڙھندڙ نياڻين جي ويھڻ لاء جيڪو فرنيچر مھيا ڪيو ويو آھي اھي بـ ٽيل ۽ ڀڳل  ۽ ناڪارا بڻيل آھن اسڪول جي عمارت جو حال اوھانجي سامھون آھي.  جيڪا عمارت ڪنھن بـ صورت ۾ استعمال جي لائق نـ آھي ان کان علاوا اسڪول جي لاء مھيا ڪيل بجلي وارو پکو پڻ ڀڳل آھي ھن اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين ۽ عملي لاء واشروزم جو بندوبست پڻ ٿيل نـ آھي عمارت زبون حال ھجڻ جي ڪري ڪنھن بـ وقت ڪو اڻوڻوندڙ واقعو پيش اچي سگھي ٿو اسڪول اندر پڙھندڙ شاگردياڻين جي جان کي پڻ خطرو آھي نصيرآباد جا سماج سڌارڪ نصيرآباد جا ڪرتا ڌرتا چونڊيل نمائندا ڪجھ ھن اسڪول طرف بـ ڌيان ڌين حڪمران جماعت بـ سستي ۽ ڪن لاٽار کي ڇڏي ڪري تعليم کاتي جي معرفت ھن اسڪول جي عمارت جي ٺاھڻ ۽ شاگردياڻين جي ويھڻ لاء فرنيچر سميت سولر پليٽ ۽ پکو مھيا ڪرائين ۽ فوري طور تي واشرومز ٺھرائڻ سميت متبادل عمارت جو بندبست ڪري اسڪول کي اوڏانھن شفٽ ڪيو وڃي.

  • نصيرآباد ويجهو اسڪولي عمارت زبون، چاپڙ ڪرڻ معمول

نصيرآباد(ن ع آ )  نصيرآباد لڳ ڳوٺ جاڙا واھوچا جي گورنمينٽ لوور سيڪنڊري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال بڻجي وئي ڪجھ سال اڳ نئين ٺھيل اسڪول جي بلڊنگ ۾ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ ڪري اسڪول جي ڪلاسن سميت آفيسن جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻجي ويا.  اسڪول ۾ پڙھندڙ سوين نياڻين ڇوڪرن ۽ استادن جون زندگيون ھر وقت خطري ھيٺ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙا ۽ عملو خوف ۾ مبتلا جڏھن ته اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿيڻ بعد والدين پنھنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان منع ڪري ڇڏيو اسڪول نه وڃڻ ڪري سوين نياڻين ۽ ڇوڪرن جو مستقبل داءُ تي لڳل ڳوٺاڻن پاران ڪيترائي ڀيرا ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ ۽ وس وارن کي اسڪول جي مرمت ڪرائڻ لاء چوڻ باوجود ڪنھن به نوٽيس نه ورتو اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿيڻ سبب ڪنھن وقت به وڏي جاني نقصان جو خدشو ڳوٺاڻن پاران اسڪول جو  بنا دير ڪم ڪرائڻ جو مطالبو صحافين سان ڳالھائيندي استادن ۽ ڳوٺاڻن حبيب الرحمان واھوچو، عبدالقدوس واھوچو، فدا حسين ۽ ٻين چيو ته اسانجي ڳوٺ جي اسڪول جي بلڊنگ ڏھ سال اڳ تعمير ٿي ھئي جيڪا ھن وقت مڪمل طور تي زبون ٿي وئي آھي اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آھي جڏھن ته پنج مھينا اڳ اسڪول جي ھڪ ڪلاس جا چاپڙ ڪرڻ سبب اتي تعليم پرائيندڙ نياڻين ۽ ڇوڪرن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھُيا ھُنن چيو ته اسڪول جي زبون حالي بابت ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ سميت تعليمي کاتي جي اعلا عملدارن ۽ وس وارن کي اسڪول جي مرمت لاء چيو آھي پر ھن وقت تائين اسڪول جو مرمتي ڪم ناھي ڪرايو ويو اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي وڃڻ بعد والدين پنھنجن ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آھي جنھنڪري سندن مستقبل داءُ تي لڳل آھي ڳوٺاڻن ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسڪول جي بلڊنگ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن اسانجا ٻارڙا بھتر نموني تعليم پرائي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.