ضلعي اوڀر ڪراچي جي صحت مرڪزن کي دوائون فراهم

گلشن اقبال (ن ع آ ) ڪراچي ضلعي اوڀر جي ايڊمنسٽريٽر رحمت اللـ شيخ طرفان ميونسپل جي ميڊيڪل آفيسر زرتاش پروين کي طبي مرڪزن کي فعال بنائڻ ايندڙ مريضن کي علاج جون بھتر سھولتون  فراھم ڪرڻ لاء دوائون ۽ ٻيو طبي سامان فراھم ڪيو ويو. ان موقعي تي ميونسپل ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر زرتاش ايڊمنسٽريٽر رحمت اللـ شيخ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تـ ضلعي اوڀر جي طبي مرڪزن ۾ سوين مريض اچن ٿا جن لاء ھلندڙ سال ۾ وڌيڪ بجيٽ جي گھر ڪئي ھئي جيڪا پوري ٿيڻ سان طبي مرڪزن ۾ عوام کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دوائن جي فراھمي ٿيندي جڏھن تـ ضلعي اوڀر ۾ قائم ميٽرنٽي ھوم پھريان وڌيڪ مريض ايندڙ آھن جيڪو اعتماد بحال رکيو ويندو ضلعي اوڀر جي ايڊمنسٽريٽر رحمت اللـ شيخ چيو تـ ھن مھانگائي واري دور ۾ مقامي سطح تي صحت مرڪزن کي بھتر بنائڻ جي سخت ضرورت آھي جنھن سان غريب طبقي جي ماڻھن کي بھتر طبي سھولت فراھم ٿي سگھندي ھن وڌيڪ چيو تـ ضلعي اوڀر جي سمورن صحت مرڪزن کي سھولتون ڏيڻ جي لاء ڪوششون جاري آھن ضلعي اوڀر جي صحت مرڪزن ۾ ايندڙ مريضن جو تعداد بـ وڌي رھيو آھي پي آء بي ۽ سولجر بازار ميٽرينٽي ھوم ڪراچي جي بھترين صحتڀجي ادارن ۾ شامل ٿين ٿا جتي ڊاڪٽر ۽ عملو بھتر انداز ۾ پنھنجا فرض سر انجام ڏئي رھيا آھن ان موقعي تي ميونسول ڪمشنر فھيم خان ڊائريڪٽر پرچيز محمد اڪرم پڻ موجود ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.