وارهه جي اسڪول مان گم ٿيل نينگري جو پتو نه پيو، سڄاڻ ڌرين جو ڌرڻو

وارھه (رپورٽ : منظورقريشي ) وارھه ۾ گرلس اسڪول مان پراسرارطور گم ٿي ويل12سالن جي آسيه ڌيءُ نورمحمد چانڊيو جو ٽئين ڏينهن به ڏس پتو نه مليو، اغوا جو شڪ،والدين بيحال،  وارثن ۽ شھر جي سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ايريگيشن پاڙي جي رهواسڻ  ڇھين ڪلاس جي شاگردياڻي آسيه ولد نورمحمد بلاڻي چانڊيو صبح جو ٿيلهو کڻي گرلس اسڪول وئي جيڪا موڪل بعد  واپس گھر نه پهتي ، جنهن کي ٽئي ڏينهن گذري ويا ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو، وارثن ،شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي  فاضل راھو چوئنڪ تي ڌرڻو ھنيو،جتي اڳواڻن خان چانڊيو،عرفان منان،ڪامريڊ سرتاج،نياز حيدري ۽ ٻين خطاب  ڪندي وارھ پوليس انتظاميا جي سستي ڄاڻائيندي ايس ايس پي قمبر،ڊي آء جي لاڙڪاڻو،آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيوته پوليس انتظاميا کي تحرڪ ۾ آڻي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي نياڻي بازياب ڪرائي وڃي ، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،وارھ گرلس اسڪول مان مبينه طور اغوا ڄاڻايل آسيه چانڊيو واقعي تي احتجاج جو نوٽيس وٺندي.  ايس ايس پي قمبر بشير احمد بروهي۽  ڊي سي قمبر جاويد نبي کوسو وارهه پهتا، ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر مبينه طور اغوا ڄاڻايل نياڻي جي وارثن کان تفصيل ورتا بعد ۾ جاءِ وارڌات وڃي اسڪول جو معائنو ڪيو، صحافين سان ڳالهائيندي پنهنجي موقف ۾ ايس ايس پي قمبر بشير احمد بروهي  چيو ته هن افسوسناڪ واقعي  تي مونکي انتهائي ڏک پهتو آهي مون پهرين ڏينهن کان سخت احڪامات جاري ڪيا هيا اڄ به متاثر خاندان کان تفصيل ورتا آهن ۽ اسڪول انتظاميه جي ذميوارن کان وٺي سموري اسٽاف کان پڇاڻو ڪندس ، اسان هن ڳنڀير معاملي جي تھ تائين پهچڻ لاءِ ۽ نياڻي جي بازيابي لاءَ جي آءِ ٽي پڻ جوڙي آهي جنهن ٽيم ۾ ڊي ايس پي نصيرآباد . ايس ايڇ و نصيرآباد ايس ايڇ او وڳڻ ڊي ايس پي وارھ ايس ايڇ واره شامل آهن ۽ آئون خود ان ٽيم جي مانيٽرنگ ڪندس انشاءُ الله اسان پر اميد آهيون ته جلد نياڻي جي گمشدگي يا ان جي اغوا واري ڪڌي عمل ۾ ملوث ڏوهاري صفت ماڻهن کي ظاهر ڪري وٺنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.