عزاداري کي محبت ۽ ڀائيچاري سان منعقد ڪيو وڃي

خيرپور (س ر)شعيه علماءِ ڪائونسل سنڌ جي صدر علامه سيد اسد اقبال زيدي  پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته شهيدن جي عزاداري ڪندڙن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، بنا جواز انهن کي ڦورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ، زبان کي بند رکڻ، پنهنجي ئي ملڪ ۾ نقل مڪاني ڪرڻ خلاف جاري ٿيل نوٽيفڪيشن اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ هر مذهب ،هر فرقي جا پيروڪار آزاد رهيا آهن، هن چيو ته ماضيءَ ۾  هميشه محرم الحرام جي شهيدن جي ياد ۾ عزادري، اهلبيت رسول سان محبت ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، ۽  مسلمانن جو اتحاد مثالي رهيو آهي، جڏهن ته شهيدن جي عزادرين مٿان بنا جواز پابنديون مڙهي تعصب پکيڙيو پيو وڃي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته الحمد الله سني ۽ شيعه مذهب جي ذميدار عالم سڳورن اهڙن سازشن کي هميشه ناڪام بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن ڀيري به اسان اهڙين سازشن کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين، علامه اسد اقبال زيدي عزادرين، ماتمين،نوحاخوانن  کي اپيل ڪندي چيو ته عزادري کي اتحاد سان گڏ بهتر انداز ۾ محبت ۽ ڀائيچاري سان منعقد ڪيو وڃي، ته جيئن تعصب پرست سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي.

  • محرام الحرام، حيدرآباد ۽ ڄامشورو اسپتالن ۾ايمرجنسي لاڳو

حيدرآباد (رپورٽر) ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ڊاڪٽر مبشر علي ڪولاچي سول اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو  ۾ 13 محرم الحرام تائين ايمرجنسي لاڳو ڪندي ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف سميت سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آھن. اھڙي ھدايت ھن محرم الحرام جي حوالي سان سول اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي آفيسرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ ڊائريڪٽر آئي سي يو ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ، اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر شاھد اسلام جوڻيجو، اي ايم ايس جنرل ٽو ڊاڪٽر شوڪت علي لاکو، ايم ايم ايس ڊاڪٽر محمود خان، چيف سي ايم او ڊاڪٽر ولي محمد ڪلوڙ، چيف سي ايم او ڄامشورو ڊاڪٽر ستيش ڪمار، ڊاڪٽر شفيق لغاري، سينيئر آر ايم او ڊاڪٽر محمد علي قائمخاني، ڊاڪٽر علي گوھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ 7 کان 10 محرم الحرام تائين ڪنهن به ايمرجنسي کي نظر ۾ رکندي حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي آپريشن ٿيٽر ۾ آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جي دوائن ۽ سرجيڪل سامان ۽ دوائن جي فراهمي ۾ واڌ ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان هڪ سرڪيولر ذريعي اسپتال جي سمورن وارڊن جي انچارجن کي حادثن ۽ ايمرجنسي آپريشن ٿيٽر ۾ سموري ضروري سامان جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي الرٽ رهڻ جا به حڪم جاري ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ 10 محرم الحرام جي حوالي سان ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن جو انچارج ايم ايس ڊاڪٽر مبشر علي ڪولاچي هوندو، جڏهن ته ٽيم جي ميمبرن ۾ اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو، اي ايم ايس جنرل ٽو ڊاڪٽر شوڪت علي لاکو، اي ايم ايس ڄامشورو ڊاڪٽر نياز حسين ٻٻر، اي ايم ايس ڊاڪٽر محمود خان، چيف سي ايم او ڊاڪٽر ولي محمد ڪلوڙ، چيف سي ايم او ڄامشورو ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ ڊاڪٽر شفيق لغاري شامل آهن، ميمبر مختلف وارڊن ۽ شعبن جو دورو ڪندا، ڊاڪٽرن پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف جي چيڪنگ ڪري ايمرجنسي جو جائزو وٺندا رهندا، اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مبشر علي ڪولاچي چيو ته ايمبولينس، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، سرجيڪل سامان، ماتمي جلوسن ۽ جنازي جي رستن سميت حساس هنڌن تي ايمرجنسي ڊريس ڪئي ويندي. دوائن جي حوالي سان الرٽ رهنداسين، جڏهن ته حيدرآباد ضلعي انتظاميا سميت ماتمي جلوسن جي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ماتمي جلوسن جي منتظمين سان مڪمل رابطي ۾ رهنداسين، پهرين محرم کان 13 محرم تائين ايمرجنسي لاڳو رهندي.

  • ٽنڊو محمد خان ۾ هر طرف ياحسين جو صدائون، مجلس عزا

ٽنڊومحمدخان( ڊ ر  )  ٽنڊومحمدخان ۾ محرام الحرام جي سلسلي ۾ ياحسين ياحسين جي صدائون سان عزادارين مجلسن ماتمي  جلوس جو سلسلو جاري درگاهه سيد نظر محمد شاهه دولهه تان علم پاڪ ذولجناحن تي ماتمي جلوس برامد ڪيو ويو جيڪو شهر جي مخٿلف پڙ تي پهتو جتي عزادارن پاران عزاداري ڪئي ويئي جڏهن ته  مرڪزي انجمن حيدري پاران امام بارگاهه الحسيني ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي ويئي جنهن کي غلامه سيد خليق الزمان رضوي ۽ مرڪزي مير واري پڙ ۾ انجمن الحسيني پاران هر روز جي طرح  مجلس عزا منعقد ڪئي ويئي جنهن کي سائين بخش مناظري خطاب ڪندي ڪربلا جي  شهيدن  جي ياد کي تازو ڪيو

  • لاڙڪاڻي ۾ اي سي جا محرم الحرام جي حوالي سان  دورا

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو طرفان محرم الحرام جي حوالي سان شهر جي مختلف امام بارگاهن توڙي  مومنن پاران لڳايل ڪئمپن جو دورو ڪري صفائي سٿرائي، لائٽنگ سميت سڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي هدايتن تي محرم الحرام جي حوالي سان شهر جي مختلف امام بارگاهن ۽ شهرين طرفان لڳايل ڪئمپن جو دورو ڪري رهيا آهيون ته جيئن جتي به صفائي سٿرائي، لائٽنگ سميت سيڪيورٽي جو مسئلو هجي ته ان کي هنگامي بنيادن تي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته محرم جا ڏينهن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ضلعي انتظاميه سڄي شهر اندر صفائي، سٿرائي ڪرائڻ سان گڏ مختلف روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ لائٽنگ جو ڪم جاري ڪري ڇڏيو هيو، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اهڙن ڏينهن ۾ ڪنهن کي به تڪليف نه پهچي. هوڏانهن اي سي احمد علي سومرو لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا پل تي قائم مقامي شادي هال تي پهچي هال جي مالڪ الحاج حاجي غلام شبير عباسي سان ملاقات پڻ ڪئي.

  • پريالوءِ جي بڙا علم امام بارگاهه حيدر تان ماتمي جلوس برآمد

خيرپور (رپورٽ شاهد نواز سيال) تيرا غم حسين هردم حسين، حسينيت زنده باد جي نعرن سان فضائون مهڪي پيون، لبيڪ يا حسين حاضر  آهيون يا حسين عزادارن پاران پنهنجي محبت جو اظهار، خيرپور جي تاريخي شهر پريالوءِ ۾ تاريخي ۽ قديمي سنڌ جو تاريخي ماتمي جلوس پريالوء جي بڙا علم امام بارگاهه حيدري تان جلوس جي باني سيد تنوير حيدر شاهه جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيو. ماتمي جلوس کان اڳ مرڪزي مجلس عزا منعقد ٿي جنهن ۾ مولانا سيد عالم شاهه موسوي، ڊاڪٽر سيد نسيم حيدر زيدي، ذاڪر سيد فدا حسين شاهه، ذاڪر اشرف کوسو، مولانا سيد ضامن علي شاهه ۽ مولانا مبشر مهدي خطاب ڪندا دوران مصائب شبيهه جهولا ۽ زري مبارڪ جي زيارت ڪرائي، جلوس ۾ 20 کان وڌيڪ ماتمي انجمنون شريڪ ٿي ماتم داري ڪئي، جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن، پيام ولايت فائونڊيشن، بي ڊي سي، آٰءِ ايس او، ڪي ڊي سي، الشهباز اسڪائوٽس جا رضاڪار ماتمي جلوس ۾ ڏيوٽيون سرانجام ڏنيون. ويندي ۽ جلوس برآمد ٿيو. دوران مصائب حضرت قاسم گهوٽ جي سيج ۽ زري مبارڪ جي زيارت ڪرائي وئي. هوڏانهن مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري ۾ محرم الحرام جي چوٿين مجلس کي خطاب ڪندي مولانا علي رضا جعفري، مولانا منظور حسين سولنگي ۽ امام بارگاهه فيض حسيني ۾ مولانا منظور حسين سولنگي، مولانا سيد عرفان علي شاهه چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ جذبه حريت جي اهڙي مثال قائم ڪئي ته قيامت تائين مجاهدين اسلام ڪربلا جي اصولن تي عمل ڪري سوڀ ماڻي سگهجي ٿو، امام بارگاه قصر حسيني ۽ مرڪزي امام بارگاه لقمان ۾ ناليواري اسڪالر مولانا سيد باقر حسين زيدي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا انسانيت لاءِ هڪ تحريڪ جو نالو آهي ، امام بارگاهه قصر زينب ثانئ زهراهه ۾ مولانا غلام باقر ڏهراج خطاب ڪندي چيو ته اسلام جا وارث اهلبيت عليه السلام آهن جن اسلام کي قيامت تائين امر ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه امام بارگاهه هاشميه لقمان، امام بارگاهه قصر عباس، امام بارگاهه اصغريه، امام بارگاهه پنجتني قديم ۾ مولانا سيد عمران عباس زيدي، امام بارگاهه عون و محمد، امام بارگاهه پنجتني ۽ امام بارگاهه نواب اصغر عباس ۾ مولانا يوسف ڪاظمي خطاب ڪيو جڏهن ته امام بارگاهه ڀرڳڙي ۽ مسجد جعفريه اسٽيشن روڊ ۾ مولانا ذوالفقار حسين لاڙڪ، امام بارگاهه محبان حيدري ، امام بارگاهه دٻير حسين ،امام بارگاهه وڏو علم زري مبارڪ، امام بارگاهه حسينيه ۽ امام بارگاهه سجاديه ۾علامه سيد مستجاب حيدر عابدي مجلس عزا کي خطاب ڪيو.

  • مقصودي رند ۽ ڀرپاسي ماتمي جلوس برآمد، سڄي رات عزاداري

مقصودو رند (ن ع آ)محرم الحرام جي حوالي سان مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي مختلف ڳوٺن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا امام بارگاھ دعاءِ زھرا ۾ امام بارگاھ جي متولي سيد قمبر علي شاھ پاران سڄي رات عزاداري منعقد ڪرائي وئي خبر موجب محرم الحرام جي حوالي سان مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي ان حوالي سان مقصودو رند ۾ امام بارگاھ دعاءِ زھرا ۾ امام بارگاھ جي متولي سيد قمبر علي شاھ پاران مجلس عزا منقعد ڪرائي وئي مجلس عزا کي مختلف علماء ڪرامن ذاڪر اھلبيت غيور عباس نقوي  مولوي سينگار حسين رند خطاب ڪيو ۽ ڪربلا جي شهيدن تي روشني وڌي جڏھن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۽ مقصودو رند جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي انجمنن پاران نوحه خواني پڻ ڪئي جيڪا سڄي رات جاري رھي ٻي طرف مختلف ڳوٺن مراد علي رند، سھجو رند، مريد جھلڻ، منڌو رند، ولي محمد رند، ڌڱاڻو رند، خيرو رند، ٻاجھي رند، حاجي رند ،مٺو رند ، خان رند، يارو رند، زوار لعل بخش رند ۽ ٻين ڳوٺن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا  ان موقعي تي مؤمنن لاءِ نگر نياز ۽ سبيلن جو بندوبست ڪيو ويو ھو.

  • سلطانپور لڳ مجلس عزا، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا

سلطانپور  ( ن ع آ )  سلطانپور لڳ مجلس عزا کي ذاڪرن خطاب ڪندي چيو ته  ڪربلا جي شهيدن جي لازوال قربانين تي روشني وڌي  مجلس عزا ۾ مقصد حسين ع بيان ڪيو ويو عزاداريءَ جو مقصد، ڪربلا جي واقعي کي ياد ڪرڻ ۽ معاشري جي هر نسل آڏو بيان ڪرڻ آهي، سرفراز مهدي، رسول بخش جوڻيجو اها هڪ حقيقت آهي ته جنهن واقعي جي بيان ڪرڻ جا جيترا وڌيڪ مثبت اثرات هوندا آهن، ان واقعي جي بيان جي ايتري ئي گھڻي ضرورت پوندي آهي. ڪربلا جي واقعي ۾ انسان جي دل ۽ دماغ جي پاڪيزگيءَ جا جيترا اثر آهن، ايترا تاريخ جي ڪنهن ٻئي واقعي ۾ ملڻ تمام مشڪل بلڪ ناممڪن آهن. اهو ڪربلا جو واقعيو ئي آهي، جنهن پوري تاريخ ۾ انسانن کي ظلم ۽ آمريت آڏو قيام جو رستو ڏيکاريو آهي. ان ڪري ان واقعي کي ياد رکڻ ۽ بيان ڪرڻ انتهائي اهم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.