وڏا ماڇيون ۾ جاگيراڻي برادري جو مقتول جو لاش رکي ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

خيرپور(ڊ ر)خيرپور ويجهو وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ غفار شاھ ۾ گذريل ڏينهن جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان ٿيل جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويل 35 سالا نوجوان ڌڻي بخش جاگيراڻي جي وارثن پاران لاش قومي شاهراه شاھ حسين باءِ پاس تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو قومي شاھراه تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون پنجاب کان ڪراچي،ڪراچي کان پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل گذريل ڏينهن جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ڌڻي بخش جاگيراڻي زخمي ٿي پيو هو جيڪو سول اسپتال خيرپور ۾  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي اسان جو نوجوان قتل ٿيو آهي ان جي باوجود به پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيستائين نوجوان جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.