سانگهڙ ۾ شاگردن جو ٽرانسپورٽ جي سهولت نه ملڻ خلاف ڌرڻو

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ رائوتياڻي واسي شاگردن کي سنجهورو پلانٽ مان اسڪولي بس نه ملڻ خلاف رهواسي ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو. رائوتياڻي واسي شاگردن کي سنجهورو اوجي ڊي  سي ايل  پلانٽ مان اسڪولي بس نه ملڻ خلاف رهواسين ڪائونسلر علي خان هنگورو۔سبحان علي هنڱورو۔رمضان چاڪراڻي هيومن رائٽس سپورٽ آرگنائزيشن فار پيس اينڊ جسٽس جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد عبدالقادر شاهه، مڱيو خاصخيلي شاگردن۽ والدين سنجهورو گئس فيلڊ آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻار اسان جو مستقبل جو سرمايو اهن تعليم جهڙي بنيادي سهولت کان سوين ٻارن کي معروم ڪيو پيو وڃي جنهن جي ذميوار اوجي ڊي سي ايل انتظاميا آهي انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي انتظاميا عمل نه ٿي ڪري عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران هتي گنڊا راڄ قائم ڪيو ويٺا آهن اوجي ڊي سي ايل انتظاميا رائٽلي جي مد ۾ ايندڙ رقم مان هڪ ٽڪي جو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ان موقعي تي فيلڊ مينيجر تنوير شاه نه پهتو ان سي بي اي يونين اڳواڻ غلام حسين زرداري۽ سيڪورٽي انچارج سعيد ستي کي۽ ايڊمن افيس مان هڪ کي ڳالهين لا۽ موڪليو جڏهن ته انهن جو چوڻ هو ته هي ڪم سي ايس آر ڊپارٽمنٽ جو آهي اسان جلد مشاورت ڪري بس کي دوباره هلائيداسين جڏهن ته ذيعا کان معلوم ٿيو آهي ته گذريل ٻن سالن کان هلندڙ بس مالڪ کي گذريل 3مهينن کان بس جو ايگريمنٽ تعت رقم ادا نه ٿي  آهي جنهن ڪري بس مالڪ پرائيويٽ ٽرانپورٽ ۾بس کي هلائي رهيو آهي سي ايس آر جو ڪم آهي ڀلائي ۽ بهبود لا۽ ڪم ڪرڻ مڱر هتي انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قانون اهي احتجاج ڪندڙن وس وارن کان اپيل ڪئي ته جلد اسڪولي بس هلائي وڃي ۽ مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.