سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن جو فيصلو جهموريت جو قتل آهي: اي جي انصاري

جيڪب آباد ( ڊر )   جمعيّت علماءِ  اسلام ضلعي  جيڪب آباد جي مجلس عامله جو اجلاس ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي صدارت  هيٺ مفت عبدالشڪور کوسو جي رهائش ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ پوري ضلعي جي عامل ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن جي بينج جو فيصلو جهموريت جو عدالتي قتل قرار ڏيندي چيو ته جي يوآءِ  ڪڏهن فوجي آمريتن کي قبول نه ڪيو ته عدالتي مارشل لاءِ کي قبول نه ٿا ڪري سگهون، اجلاس محرم الحرام ۾ امن وقيام لاءِ انتظاميه سان سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڊاڪٽر اي جي انصاري، مفتي عبدالشڪور کوسو، مولانا سليم الله بروهي، حاجي محمد عباس بلوچ، مير حسن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته جي يوآءِ  فرقيواريت جي خلاف ۽ امن جي دائي آهي پر جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالجبار رند ۽ ٻين کي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ زيادتي آهي، هنن چيو ته صحابه ڪرام جي گستاخي برداشت نه ڪبي، اجلاس ۾ بارش متاثرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ هر ممڪن مدد ڪرڻ تي زور ڀريو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.