شهيد ميجر جو مڙهه باقراڻي لڳ مٽي ماءُ حوالي

خير محمد آريجا ( ن ع آ )  باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ سجاول تنيو واسي بلوچستان سانحي ۾ پاڪ فوج جي ھيليڪاٽر سان ٿيل واقعي ۾  پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن سان شھيد ٿيل ھيليڪاپٽر جي پائليٽ شھيد ميجر سعيد احمد تنيو ولد نواب علي تنيو جو مڙهه گذريل رات دير سان ڳوٺ سجاول تونيو ۾ آندو ويو، جڏهن ته شهيد جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائجي ويو، جڏهن ته شهيد ميجر سعيد احمد تونيو جي جنازي نماز باقراڻي لڳ ڳوٺ سجاول تنيو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي اعلي آفيسرن ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو،ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن سميت ڳوٺاڻن ۽ تنيا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شھيد ٿيل ميجر کي فوجي اعزاز ۽ سلامي پيش ڪئي ڪري پاڪ فوج جي سپرسالار۽ ٻين اعلا آفيسرن پاران موڪليل گلدستا سندس مڙح تي رکيا ويا، جنھن بعد مڙھ کي ھزارين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن تڏي تي سندس جي وارثن پيءُ استاد نواب علي تونيو ڀائرن پروفيسر علي ڏنو تونيو، قربان علي تونيو ، امير علي تونيو ، طفيل احمد تونيو ،منير احمد تونيو ۽ ٻين سان تڏي تي پاڪ فوج جي آفيسرن پوليس آفيسرن ضلعي انتظاميه ڳوٺاڻن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن تنيا برادري جي ماڻھن تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ،شھيد ميجر سعيد احمد تنيو سوڳوار۾ پيءُ،پنج ڀائر،ھڪ بيوھ ھڪ ڌيءُ ھڪ پٽ ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.