اوٻاوڙو لڳ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ فوت

اوٻاوڙو   ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ ڪمون شهيد وٽ قومي شاهراه تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ  تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زور دار ٽڪر  لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ جندو چاچڙ جو رهواسي رحمت الله چاچڙ پٽ بهرام چاچڙ موقعي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويو علائقي واسين جي اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو وارث اسپتال مان لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي ڳوٺ جندو چاچڙ ۾ پھتا ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۽ سوڳ واري لھر چائنجي وئي ھوڏانھن پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.