ميرپورساڪري ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ۾ واڌ

ميرپور ساڪرو (ن ع آ)ٽائون ڪاميٽي ميرپور ساڪري ۽ مختلف يونين ڪائونسلن دٻو،کڳاڻ، ڪڪڙانڊ، سکپور، گھگھي، ٻھارا، سـمڪي  ۽ علائقن ٻين ۾ مڇرمار ڦوهارو نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب ڪيترائي ماڻهون مليريا، گسيٽرو، ڊينگھي ۾ مبتلا ٿي بيمار ٿي پيا آهن، باربار ٽائون ايڊمنسٽريٽر کي شڪايتون ڪرڻ باوجود مڇرمار ڦوهارو ناهي ڪرايو ويو، تازو ھنگامي صورتحال کي مدي نظر رکندي ٽائون ڪاميٽي ميرپور ساڪرو ۽ يوسيز کي مڇردانيون ٽينٽ ۽ راشن پڻ ڏنا ويا آهن پر مخصوص ماڻهن کانسواء غريب پورھيت ماڻهن کي ڪا چيز ناهي ڏني ويئي ٽائون انتظاميا ۽ يوسيز ايڊمنسٽريٽر رڳو مخصوص ماڻهن کي ٽينٽ مڇردانيون ۽ راشن ڏئي رھيا آهن ھتان جي رھواسين ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي ميرپور ساڪري ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪرائي برسات متاثرين لاءِ آيل مڇردانيون ٽينٽ ۽ راشن حقيقي متاثرين ۾ تقسيم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.