ڀرياسٽي لڳ ڌاڙي جا گرفتار جوابدار ، عدالت ۾ پيش، رمانڊ بعد پوليس حوالي

ڀرياسٽي  ( ن ع آ ) ڀرياروڊ ريتي پاڙي  ۾  هڪ مهينو اڳ مشهور واپاري اقبال مهر جي گهر مان ڏينهن ڏٺي جو لکين روپين جي لڳل ڌاڙي جو ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو، ايس ايس پي نوشهروفيروز جي جوڙيل پوليس جاچ ٽيم  ڊي ايس پي ڀريا  عبد الستار اڄڻ، ٻن ايس ايڇ اوز انسپيڪٽر منير احمد لغاري، راڻا جمشيد علي  جي نگراني ۾  جاچ ٽيم جوڙي هئي، ذريعن موجب  ته پوليس ٽن مک  جوابدارن اسد اعواڻ، رضوان ملڪ ۽ جاويد عرف پپو ملاح  کي گرفتار ڪري ڀريا جي عدالت ۾ جوابدارن کي پيش ڪيو عدالت پاران جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ پنجن ڏينهن جو ريمانڊ ڏئي پوليس حوالي ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.