مانجهند ڀرسان سم نالي ۾ 2 سئوٽ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا

مانجهند (ن ع آ)مانجهند ڀرسان ڳوٺ خاصائي ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي سان تار سم نالي ۾ وھنجڻ دوران وڏي  پاڻي ۾ وڃڻ سبب 2  نوجوان سئوٽ 16 ورهين جو سعيد جان کوسو 17 ورهين جو غلام کوسو ٻڏي ويا جنهن کي بچائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ٽيم نه پهچڻ سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت  مقامي ٽوٻا گهرائي سندن ڳولا ڪئي.  جنهن ۾ هڪ ڄڻي غلام کوسو جي لاش کي هڪ ڪلاڪ جي جدجهد کانپوءِ ڪڍيو ويو جڏھن ته ٻئي جي ڳولا جاري هئي، جڏھن ته نوجوانن جي ٻڏڻ جي اطلاع تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺاڻن موجب ڊي سي ڄامشورو اي سي مانجهند ۽ خاڻوٺ پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو اٿئون پر سرڪاري ٽوٻا نه پهچي سگهيا آھن جڏھن ته صرف پوليس پهتي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.