عوامي آواز جي خبر تي نوٽيس، پ پ اڳواڻ کي ڪار ملي وئي

خيرپور (س ر)عوامي آواز جي خبر تي نوٽيس، پيپلزپارٽي ليڊيز اڳواڻ رابعه عباسي جي چوري ٿيل ڪار پوليس رڪور ڪرائي ڇڏي، خيرپور ۽  گمبٽ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري هڪ مهينو اڳ چوري ٿيل ڪرولا ڪار رڪوار ڪرائڻ بعد اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن سلسلي ۾ پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي ضلعي اطلاعت سيڪريٽري رابعه عباسي ميڊيا کي ٻڌايو ته گمبٽ ٿاڻي جي حد ڪسان ڪالوني مان 28 جون تي منهنجي ڪرولا ڪار گهر ٻاهران بيٺل هئي ته نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا هئا، جنهن جي فرياد ڪرڻ باوجود پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو، پر عوامي آواز اخبار ۾ منهنجي چوري ٿيل ڪار جون خبرون شايع ٿيڻ بعد خيرپور پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ منهجي چوري ٿيل ڪرولا ڪار گذريل رات رڪور ڪرائڻ بعد مونکي ڏني وئي آهي، رابعه عباسي روزاني عوامي آواز ميڊيا سٿ جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏهن ميڊيا نه هجي ته عوام جا مسئلا شايد حل ئي نه ٿين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.