عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف جاچ مڪمل، ڪنهن وقت به گرفتاري ٿي سگهي ٿي: دعويٰ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري جي امڪاني گرفتاريءَ جي حوالي سان دعويٰ سامهون اچي وئي.

سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري جي امڪاني گرفتاريءَ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ظفر حجازي چيو آهي ته منهنجي اطلاع موجب عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف خاموشي سان ٿيندڙ ڪيتريون ئي انويسٽيگيشنز ان مرحلي تائين پهچي چڪيون آهن ته جاچ ايجنسيون ڪنهن وقت به کين حراست ۾ وٺي سگهن ٿيون.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ورتي آهي، جڏهن ته عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو آهي.

هوڏانهن ن ليگ قائد نواز شريف اتحادي جماعتن کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.