عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪمشنر اسان کي فارن فنڊڊ چئي اسان جي توهين ڪئي آهي.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ جهڙي احمقاڻي رپورٽ ناهي ڏٺي، اليڪشن ڪميشن ٻه رپورٽون ٺاهيون، هڪ رپورٽ ڪنهن جي فرمائش تي شامل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊڊ آهي، اليڪشن ڪميشن حڪومت سان گڏ سازش ۾ ملوث آهي.

هن چيو ته شهباز شريف، آصف زرداري چونڊن ۾ شڪست جي خوف سبب چونڊن جو اعلان نه پيا ڪن، اهي ملڪ نه رڳو پنهنجي دولت بچائڻ جو سوچي رهيا آهن، اسان چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، سڀني سيٽن تي چونڊون ڪرايون وڃن.

سندس چوڻ هو اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو يا هن ملڪ کي بحران مان ڪيئن ڪڍڻو آهي؟ فوج نيشنل سيڪيورٽي جو تمام وڏو حصو آهي، پاڪستان جي پوزيشن گذرندڙ ڏينهن سان هيٺ ٿيندي پئي وڃي، چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏيو ته اسان هر قسم جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

عمران خان اعلان ته اسان اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ وينداسين، اسان اليڪشن ڪميشن سامهون پرامن احتجاج به ڪنداسين، ريڊ زون نه ڏينداسين.

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جا وڏا وڏا سيٺ پاليل آهن، جن کان اهي پئسو وٺندا آهن، يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ اليڪشن ۾ پئسو استعمال ٿيو، ملڪ بچائڻ لاءِ تڪڙيون چونڊون ضروري آهن.

هن چيو ته جن ماڻهن کي سزائون ملڻيون هيون، انهن کي سازش تحت اسان جي مٿان ويهاريو ويو، اڄ انهن جي ڪري نيشنل سيڪيورٽي کي خطرا آهن، اڪنامڪ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي ته نيشنل سيڪيورٽي به متاثر ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.