اتحادين جي اجلاس ۾ نواز شريف ڪهڙيون هدايتون ڏنيون؟ اهم خبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪمران اتحاد جي اڳواڻن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ن ليگ قائد نواز شريف اتحادي جماعتن کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي هدايت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وڃي ته ان ريفرنس کي فل ڪورٽ ٻڌي.

نواز شريف چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا تي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن سان رعايت نه ڪئي وڃي، عمران خان سي پيڪ کي رول بيڪ ۽ ڪشمير جو سودو ڪرڻ ۾ به سڌي ريت ملوث آهي.

ان موقعي تي قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شير پائو چيو ته اتحادي حڪومت کي هاڻ ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، حڪومت کي مهانگائي جي جن کي هر صورت ۾ قابو ڪرڻو پوندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اتحادي جماعتون سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف خلاف گڏجي جلسا ڪنديون، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ۽ پ پ حيدرآباد ۽ سکر ۾ جلسا ڪندي.

جي يو آءِ پشاور ۾، پختونخواهه ميپ ۽ بي اين پي مينگل ڪوئيٽا ۾ جلسا ڪندي، ن ليگ لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ جلسا ڪندي، جلسن ۾ اتحادي جماعتن جي سموري قيادت شريڪ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.