عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

اسپيشل سينٽرل عدالت جي جج گذريل ٻڌڻي جو لکت حڪم جاري ڪيو، عدالت وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز جا ملڪيتي اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

لکت حڪم ۾ چيو ويو ته سليمان شهباز جي چنيوٽ ۾ 200 ڪنال زرعي ايراضي ضبط ڪئي وڃي.

ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر کي الڳ خط جاري ڪيو ويو.

عدالت سليمان شهباز جا 13 ڪمپنين ۾ شيئرز ۽ 29 بئنڪ اڪائونٽ به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جاچ آفيسر سليمان شهباز جي ٻي ڄاڻايل ملڪيت جا تفصيل به عدالت ۾ جمع ڪرايا، اشتهاري جوابدار طاهر نقوي جا هڪ ڪمپني ۾ 500 شيئرز به ضبط ڪيا ويا.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت سڀني جوابدارن کي فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.