بجلي بلن کان پريشان عوام لاءِ خوشخبري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي بابت پارلياماني سيڪريٽري خاطري ڪرائي آهي ته ايندڙ مهيني کان بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وينديون.

بجلي بلن تي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي واڌو رقم خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، نوٽيس جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي پيش ڪيو.

هن چيو ته چترال م هڪ بل 2500 رپين جو آيو آهي، جنهن ۾ 1800 رپيا فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز لڳايون ويون آهن، بجلي ڪمپنيون هر مهيني فويل ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي ڳري رقم کڻن ٿيون.

بجلي بابت پارلياماني سيڪريٽري راڻا ارادت علي چيو اهو درست آهي ته بجلي بلن ۾ واڌ فيول ايڊجسٽمينٽ وڌيڪ وصول ڪئي وئي آهي، ايندڙ مهيني کان چارجز گهٽ اچڻ شروع ٿي وينديون، جيڪڏهن فيول ايڊجسٽمينٽ سرچارج وصول نه ڪيون ته سرڪلر ڊيٽ وڌي ويندي.

جي ڊي اي جي قومي اسيمبلي ميمبر فهميده مرزا به چيو ته غريب ماڻهن جي مختلف بجلي ٽيڪس سان چيلهه چٻي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي عوام لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.