خبردار! برساتي پاڻي توهان جي حياتي کسي سگهي ٿو: نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

هڪ نئين تحقيق موجب مينهن جو پاڻي ڪينسر سميت ٻين مرضن جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.

صحت جي حوالي سان انوائيرمينٽل سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نالي عالمي اداري تحقيقي رسالي ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مينهن جو پاڻي زمين تي موجود پي ايف اي ايس ڪيميڪلز جي ڪري ڪينسر سميت ٻين خطرناڪ بيمارين جو ڪارڻ ٿئي ٿو.

سوئيڊن جي اسٽاڪ هوم يونيورسٽي جي ماهرن پاران دنيا ۾ موجود مينهن وسندڙ پاڻي کي ليبارٽي تجربن ۽ فيلڊ ورڪ جي ذريعي تحقيق اندر آندو ويو ۾ انڪشاف ڪيو ته زمين تي موجود ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ ڪيميڪلز مينهن مان وسندڙ پاڻي کي خراب ڪري ڇڏي ٿو جيڪو انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صرف انڊسٽريل علائقا ئي نه پر پر انٽارڪٽيڪا۽ تبت جهڙي ڏورانهين ۽ ويران علائقن ۾ ٿيندڙ مينهن جي پاڻي ۾ اهي ڪيميڪلز ڏٺا ويا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني ساخته ڪيميڪل تي فلورواڪائيل ۽ پولي فلوروا ڪائيل سبسٽينسز فائر فائٽنگ فوم، کاڌي پيتي وارن ٿانون جي نان اسٽڪ ڪوٽنگ، ۽ ٽيڪسٽائل ۾ استعمال ٿيندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پي ايف اي ايس ڪيميڪلز کي پاڻمرادي طريقي سان ختم ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳي سگهن ٿا ۽ ان ڪيميڪلز تي ورهين کان ٿيندڙ تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته انهن جا انساني صحت تي انتهائي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن.

ماهرن برسات جو پاڻي دنيا جي گهڻن حصڻ ۾ پيئڻ لائق صاف پاڻي تصور ڪيو ويندو آهي پر اهو پاڻي انساني ساخته ڪيميڪلز سبب خراب ٿي صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويندو آهي ۽ انسانن ۾ ڪينسر سميت ٻين بيمارين جو سبب بڻجي ويندو آهي.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هاڻ اسان ڌرتي جي فطري ماحوليات جون حدون اورانگهي چڪا آحن ۽ ڌرتي تي ڪا به اهڙي جاءِ موجود ناهي جتي هڪ انسان ان ڪيميڪلز جي هاڃيڪار اثرن کان بچي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.