سون جي اگهه ۾ هوش اڏئيندڙ لاٿ!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي پئماني تي لاٿ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 8 هزار 600 رپيا لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 45 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 7 هزار 373 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 24 هزار 571 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 14 ڊالر گھٽجڻ کانپوءِ 1766 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.