ڪراچي: گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد

 

ڪراچي (ويب ڊيسيڪ) ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

گارڊن جي علائقي ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ڌماڪي ۾ 40 ورهين جو اهلڪار شهزاد ۽ 45 ورهين جو صابر شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪانسٽيبل علي گوهر ۽ سب انسپيڪٽر سعيد زخمي ٿيا.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن ڊي آءِ جي آصف اعجاز اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتو، جتي هن صورتحال جو جائزو ورتو.

آصف اعجاز ٻڌايو ته گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر جي هٿيار خاني مان پوليس اهلڪار ٻه دستي بم ٻاهر ڪڍي رهيا هئا ته هڪ جي پِن نڪري وئي، جنهن سان زوردار ڌماڪو ٿيو، اهلڪار دستي بم ٻاهر ڇو ڪڍي رهيا هئا، ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.