صحت: سمارٽ فونز  يادگيري واري صلاحيت تي ڪهڙا اثر ڇڏين ٿا؟ ڄاڻي وٺو

جيڪڏهن سڀ ننڍيون وڏيون شيون سمارٽ فونز ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪبيو ته اسان جي يادداشت متاثر ٿي سگهي ٿي.

پر هڪ نئين تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمارٽ فونز يا ڊجيٽل ڊوائيسز  جو استعمال يادگيري کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

برطانيا جي لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي نئين تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڊوائيسز ”ڊجيٽل ڊمينشيا“ جو سبب ناهن ٿينديون پر اسان هنن ۾ يادداشت لاءِ اهي شيون رکندا آهيون جن کي اسان جو ذهن محفوظ نه ڪري سگهندو آهي.

ان تحقيق ۾ 158 ماڻهن تي تجربو ڪيو ويو ۽ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سمارٽ فونز جي استعمال سان يادداشت متاثر ناهي ٿيندي پر رمائينڊر لڳائڻ سان اڃا تيز ٿيندي آهي.

محققن چيو ته تحقيق جي نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڊجيٽل ٽائيم ۽ لوڪيشن رمائينڊر ڪندا آهن تنهن هوندي به اهم تفصيلن جي بيڪ اپ لاءِ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي نه ته هي ٽول ناڪام ٿي ويندا.

تحقيق ۾ شامل ماڻهن کي ٽچ اسڪرين ٽيبليٽ ۽ ڪمپيوٽرز تي ميموري گيم کيڏڻ جو ڪم ڏنو ويو جنهن کي 16 ڀيرا ورجايو ويو.

8 ڀيرا هنن پنهنجي يادداشت تي اها گيم مڪمل ڪئي باقي 8 لاءِ ريمائينڊر سيٽ ڪيو ويو.

نتيجن مان معلوم ٿيو ته رضاڪارن کي جڏهن رمائينڊر جي اجازت ڏني وئي ته 18 سيڪڙو يادداشت بهتر ٿي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.