تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گھرواري ريحام خان چيو آهي ته عمران خان کي هاڻ سياست ڇڏي گرفتاري ڏيڻ گھرجي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ريحام خان چيو ته پارٽي عام ڪارڪنن جي حوالي ڪرڻ گھرجي، عمران خان کي پنهنجي ڏوهن تي قوم کان معافي وٺڻ گھرجي.
عمران خان کو اب سیاست چھوڑ کر گرفتاری دینی چاہیے اور پارٹی عام کارکنان کے حوالے کرنی چاہیے۔ اپنے جرائم پر قوم سے معافی مانگنی چاہیے۔ #تھوڑا_سا_صادق_اور_امین
— Reham Khan (@RehamKhan1) August 3, 2022
هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي اپيل آهي ته جلد تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي.
هن چيو ته ٻاهرين ملڪن کان پئسا وٺي پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ پارٽي پاڪستان ۾ سياست ڪيئن ٿي ڪري سگھي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ريحام خان پي ٽي آءِ خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي ڏنل فيصلي جي تعريف ڪئي هئي.