ناسا جو جديد ترين راڪيٽ اُڏام ڀرڻ لاءِ تيار، چنڊ تي ويندڙ اهم شخصيت جا تفصيل جاري

ناسا جو جديد ترين راڪيٽ چنڊ ڏانهن اُڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان تي ڪير سوار هوندو ان بابت پڻ تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.

يورپين اسپيس ايجنسي اعلان ڪيو آهي ته شوان دي شيپ ( برطانيا جو مشهور ٽي وي ڪردار ) نئين اسپيس لانچ سسٽم جي پهرين اُڏام جو حصو هوندي، جنهن سان آرٽيمس پروگرام جي شروعات ٿيندي.

ان ئي پروگرام تحت ايندڙ ڪجهه ورهين دوران چنڊ تي انسان جي واپسي ٿيندي.

آرٽيمس 1 جي انسانن بنا پهرين مشن ۾ ناسا جي اورين اسپيس ڪرافٽ يورپين ايجنسي جي سروس موڊيول کي چنڊ تي اُماڻيو ويندو.

هن مشن ۾ ڪپهه سان ڀريل رانديڪو به خلاباز طور سوار هوندو.

هي مشن زمين کان پنج لک ڪلوميٽر پري تائين اُڏام ڪندو ۽ ان سفر لاءِ شوان دي شيپ جي خاص ” تربيت“ پڻ ڏني ويندي.

آرٽيمس 1 مشن 29 آگسٽ تي فلوريڊا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر تان روانوٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.