انڊسٽري جا سڀ ماڻهو دقيانوسي معاشري ۾ رهن ٿا ۽ هميشه ائين ئي رهندو: نينا گپتا بالي ووڊ جي رازن تان پردو کڻي ٿي

ڀارتي ادڪارا نينگا گپتا شڪايت ڪئي آهي ته مرد اداڪار ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند ناهن.

پنهنجي تازي انٽرويو ۾ 63 ورهين جي اداڪارا عمر جي حوالي سان ڪم ۾ مسئلا پيش اچڻ بابت خيالن جي اظهار ڪيو آهي.

نينا گپتا چيو ته ٻه کان ٽي پروجڪيٽ آهن جنهن ۾، مون ڊائريڪٽر کان پڇو ته منهنجي سامهون ڪهڙو اداڪار آهي جنهن تي ڊائريڪٽر چيو ته توهان ڪنهن کي تجويز ڪري ڇڏيو، جواب ۾ مون چيو ته اهو دنيا جو ڏکيو ترين ڪم آهي ڇاڪاڻ ته مون سان گڏ ڪو به ڪم ڪرڻ نٿو گهري.

اداڪارا چيو ته ڪير ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، گهڻي قدراداڪار جوان ادڪارائن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته مان ان سڀني ادڪارائن کان وڌيڪ جوان نظر ايندي آهيان.

نينا گپتا موجب اسان جو معاشرو تبديل ناهي ٿيو، سڀ ماڻهو دقيانوسي معاشري ۾ رهن ٿا ۽ سدائين ائين ئي رهندو.

هن اداڪار رام ڪپور جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو مون سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو جنهن تي سندس ٿورائتي آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.