وڏو حملو ٿي سگهي ٿو، آمريڪا شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا طرفان ايمن الظواهري جي مارجڻ بعد پنهنجن شهرين کي امڪاني خطري کان خبردار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪا پرڏيهي کاتي القاعدا جي سربراهه الظواهري جي آمريڪي حملي ۾ مارجڻ کانپوءِ پنهنجي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايمن الظواهري جي مرڻ کانپوءِ آمريڪي ملڪيتن ۽ شهرين تي حملو ٿي سگهي ٿو.

پرڏيهي کاتي موجب ايمن الظواهري جي مارجڻ بعد آمريڪي مخالف جذبا وڌي سگهن ٿا جنهن کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا ۾ موجود آمريڪي هوشيار رهن، تازن اطلاعن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگرد تنظيمون خطي سميت سڄي دنيا ۾ آمريڪي مفادن تي حملي جون مسلسل رٿابندي ڪري رهيون آهن.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا حملا آپگهاتي ڌماڪا، قتل، بم ڌماڪا، هاءِ جيڪنگ ۽ اغوا جي صورت ۾ ٿي سگهن ٿا تنهنڪري آمريڪي شهري پرڏيهي سفر دوران انتهائي محتاط رويو اختيار ڪندي صورتحال کان مڪمل باخبر رهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.