نيڌرلينڊ جي دوري ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان، نسيم شاهه پهريون ڀيرو ٻنهي اسڪواڊن ۾ شامل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيدرلينڊ ۽ ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ عالمي ڪپ سپر ليگ ۾ شامل نيدرلينڊز خلاف ٽن ميچن لاءِ 16 رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايشيا ڪپ لاءِ 15 رانديگرن کي اسڪواڊ شامل ڪيو ويو آهي.

نيدرلينڊ خلاف رٿيل سيريز لاءِ پاڪستان 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي

جنهن بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان نائب ڪپتان، عبدالله شفيق، فخر زمان، حارث رئوف، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد حارث، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي، زاهد محمود شامل آهن.

جڏهن ته ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل ٽيم ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان نائب ڪپتان، آصف علي، فخر زمان، حيدر علي، حارث رئوف، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادرکي  چونڊيو ويو آهي.

فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ٻنهي اسڪواڊز ۾ شامل آحي پر قومي ٽيم جي فزيو نيدرلينڊ ۾ شاهين شاهه آفريدي جي ري هيب جو جائزو وٺڻ کانپوءِ کيس فائنل اليون ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ان موقعي تي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته ٻئي دورا اهم آهن تنهنڪري ڪپتان ۽ ڪوچ جي صلاح مشوري سان بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

چيف سليڪٽر جو چوڻ هوته حسن علي کي آرام ڏنو ويو آهي سندس جڳهه تي نسيم شاهه کي پهريون ڀيرو قومي وائٽ بال اسڪواڊز جو حصو بڻايو ويو آهي، هو لاڳيتو 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، انڪري کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڪستان جو فاسٽ بالنگ شعبو پڻ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

اعلانيل اسڪواڊز ۾ شامل قومي رانديگرن جي تربيتي ڪئمپ 6 کان 11 آگسٽ تائين لاهور لڳائي ويندي، ان دوران رانديگرن پنجاهه اوورن تي ٻڌل ٻه پريڪٽس مئچز پڻ کيڏندا.

قومي اسڪواڊ 11 ۽ 12 آگسٽ جي وچ واري رات ايمسٽرڊيم رواني ٿيندي جتان ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 22 آگسٽ تي دبئي پهچندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.