اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم هائوس ۾ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي نااهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو.
وزيراعظم هائوس ۾ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جو اجلاس ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان کي نااهل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو، ريفرنس آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت داخل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ قائد نواز شريف سان غير رسمي مشاورت کانپوءِ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سڀاڻي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس تي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏيندي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ڪارروائي ۽ طريقي ڪار جو فيصلو به سڀاڻي وفاقي ڪابينا ڪندي، تحريڪ انصاف جي بنا نالي اڪائونٽن ۽ ڪرمنل ڪيسن بابت ڪارروائي جو فيصلو به سڀاڻي ڪيو ويندو.
ذريعن موجب عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت به ڪابينا سڀاڻي فيصلو ڪندي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ احتجاج نه ڪرڻ ڏنو ويندو، ڪو احتجاج ڪرڻ چاهي ته ريڊ زون ٻاهران جتي به وڻيس ڪري.