نيب قانون ۾ ترميم جو وڌيڪ هڪ بل منظور، جاچ اداري وٽ ڪيترا اختيار هوندا ڄاڻي وٺو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي قومي احتساب بيورو(نيب) قانون ۾ ترميم جو وڌيڪ هڪ بل منظور ڪري ورتو آهي.

قانون واري مملڪتي وزير سينيٽر شهادت اعواڻ قومي اسيمبلي ۾ احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ وڌيڪ ترميم جو هڪ ٻيو بل 2022ع پيش ڪيو.

ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني، ن ليگ جي قومي اسيمبلي رڪن زهرا ودود فاطمي بورڊ اينڊ ٽرسٽيز کي به ڇوٽ ڏيڻ جي ترميم پيش ڪري ڇڏي، جڏهن ته  حڪومت طرفان ترميم جي حمايت ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيل نيب ترميمي بل 2022ع موجب نيب 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ڪرپشن وارن ڪيسن جي جاچ نه ڪري سگهندي، صدر کان احتساب عدالت جي ججن جي مقرري جو اختيار واپس ورتو ويو آهي جڏهن ته نيب جي پروسيڪيوٽر جنرل جي ملازمت جي مدي ۾ 3 سال واڌ ٿي سگهندي.

قانون واري مملڪتي وزير شهادت اعواڻ اجلاس دوران اشاعتِ قانون ترميمي بل 2022ع ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.