عمران خان سياست ۾ رهندو ته جهموريت نه رهندي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت پڪن ثبوتن تي ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي ته پي ٽي آءِ فارين ايڊ پارٽي آهي ۽ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اها ڊڪليريشن برقرار رکي ته پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾گفتگو ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن سئو سيڪڙو درست فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فيصلي ثابت ڪيو ته پي ٽي آءِ هڪ فارين فنڊڊ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪئي ۽ اڪائونٽس لڪايا.

هن چيو ته پي ٽي آءِ 34 پرڏيهي ملڪي شهرين ۽ 351 ڪمپنين کان فنڊز وٺندي رهي، پوليٽيڪل پارٽي ايڪٽ ۽ اليڪشن ايڪٽ موجب ممنوع فنڊنگ ڏوهه آهي، حڪومت پڪن ثبوتن تي ڊڪليريشن ڏئي سگهي ته پي ٽي آءِ فارن ايڊ پارٽي آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اِها ڊڪليريشن برقرار رکي ته پي ٽي آءِ ٽٽي ويندي.

گهرو وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي عمران خان کي ڪوڙو ۽ جعلساز ثابت ڪيو، حڪومتي اتحاد جي اجلاس ۾ فيصلي کانپوءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، قوم کي عمران خان  بابت آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سياست ۾ رهندو ته جهموريت رهندي نه ئي سياست اڳتي وڌي سگهندي، کيس تڪبر آهي هو چوي ٿو ته ملڪ جي دشمنن سان ڳالهيون ڪري سگهان ٿو پر سياسي مخالفن سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.