حليم عادل گرفتاري معاملو، نوڪري ڪيو ڪنهن جي غلامي نه ڪيو، عدالت جي اينٽي ڪرپشن اختيارين کي ڇنڊ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت طرفان اينٽي ڪرپشن عملدارن کي ڇنڊ پٽي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪندڙ اينٽي ڪرپشن عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .

عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته نوڪري ڪريو، ڪنهن جي غلامي نه ڪيو، وقت مٽجڻ

بعد اهي سڃاڻيندوَ به نه.

سنڌ هاءِ ڪورٽ مخالف ڌر اڳواڻ کي گرفتار ڪندڙ آفيسر کي عدالت نه ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جنهن ميٽنگ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي ان جا تفصيل پيش ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪرڻ بابت منع نامي واري حڪم ۾ 17آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ايسٽ ۽ ڄامشورو کان جواب پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.