” عمران خان حسن بن صباح ۽ پي ٽي آءِ پاڪستان جي آر ايس ايس آهي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان هر شئي جو الزام مخالفن لڳائيندو آهي، عمران خان آئين ٽوڙيندڙ آهي، کيس جڏهن به موقعو مليو هن آئين ٽوڙيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان جيڪي غلط ڪم ڪندو آهي انهن جو الزام مخالفن تي لڳائيندو آهي، هو پاڻ معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏي ويو، سندن ڏوهن جي قيمت اسان ادا ڪري رهيا آهيون.

سعد رفيق چيو ته اهو اهم سوال آهي ته ڪهڙي مقصد لاءِ عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪئي وئي؟

 وفاقي حڪومت پرڏيهي فنڊنگ واري معاملي تي عمران خان خلاف ڪارروائي ڪندي.

هن چيو ته وفاقي سرڪار اها جاچ ڪرائي ته پرڏيهي شهرين عمران خان کي پئسا ڇو ڏنا، ڪهڙي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي پئسا ڏنا ويا؟

هن چيو ته عمران خان حسن بن صباح ۽ پي ٽي آءِ پاڪستان جي آر ايس ايس آهي، حسن بن صبحاح ناليوارن عالمن کي قتل ڪرائيندو هو، عمران خان هڪ ايجنڊا تحت سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمراني ايجنڊا تحت سي پيڪ منصوبي کي ڌڪ هڻي چين کي ناراض ڪيو ويو.

عمران خان هر اداري ۾ پنهنجي مرضي جا ماڻهو کپن، پنجاب ۾ سندس حڪومت آهي هو اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪري ڏيکاري، اسان اسلام آباد جو تحفظ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.