غازي ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي ۽ عوامي رد عمل

غلام حسين جوڻو

گذريل پندرهن سالن کان وٺي ، سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري تيزي سان جاري آهي .پ پ پ حڪومت ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سهولتڪار آهي . ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڏنا پيا وڃن . تنهن کانپوءِ سرڪاري نوڪريون ۽ روزگار جا ٻيا موقعا فراهم ڪري ، هتان جي اصل ماڻهن جي حقن تي  ڌاڙو هڻڻ روزانه جو معمول  بنجي چڪو آهي . سنڌ اسيمبلي مان هڪ بل به پاس ڪيو ويو آهي . جنهن موجب ڌارين  کي هتي جو پڪو رهواسي ڪيو پيو وڃي . ان  سڄي عمل تي سنڌ جي ساڃاه وند ڌرين کي ڳڻتي آهي . انهن پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن ان ڏس ۾ قومپرست ڌريون سراپا احتجاج ڪنديون وتن .پر ، حڪومت جي ڪن تي جونء به ڪانه ٿي رڙهي ۽ ڌارين جي آباد ڪاري طرف خاص توجهه ڏيئي رهي آهي . جنهن ڪري اهي وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ پهچي رهيا آهن . ان جو سبب اهو آهي ته ، کين رهائش ، روزگار ۽ ٻيون سموريون بنيادي سهولتون ملي رهيون آهن ، ان جي جاءِ تي سنڌي ماڻهن جو وسنديون ڊاٿيون پيون وڃن . خاص ڪري ڪراچي جي سنڌين کي ڪراچي ڇڏڻ ۽ لڏپلاڻ تي  مجبور ڪيو پيو وڃي ، ڪراچي جي ڪچي آبادي کي ريگيوليٽ ته ڪونه ٿو ڪيو وڃي ، پر ، اتان جي قديمي رهواسين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ حڪومت ، پنهنجي وسان ڪونه ٿي گهٽائي .اهڙن سنڌي وسندين مان عبدالله شاھ غازي ڳوٺ به هڪ آهي .

هن ڳوٺ کي ڊاهڻ ۽ مسمار ڪرڻ لاءِ ، ڪراچي جي پوليس هڪ هفتي ۾ ٽي دفعا چڙهايون ڪيون آهن ۽ هتان جي رهواسين کي ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي ، ڪن ماڻهن جو خيال آهي  ته ، اهو ڳوٺ خالي ڪرائي اتي ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي . ان منصوبي موجب ، ڄاڻايل ڳوٺ کي ڊاهڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن . ڳوٺ جا گهر ڊاهڻ دوران ، رهواسي عورتون ۽ مرد ٻاهر نڪري آيا . عورتون ۽ ٻارڙا قران پاڪ مٿي تي رکي روڊن تي اچي ويا . نتيجي ۾ پوليس شيلنگ ۽  فائرنگ ڪئي ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي  پيا . هڪ اندازي موجب پنجويھه يا ان کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن . جيڪي زير علاج آهن . زخمي عورتن ۾ اقرا ، امير زادي ، سسئي ، صابرا  مهوش ، شيري ، ليلا ، شهلا ، شمائلا ، صائمه ، صوبيه ، حميده ، ثنا ، زاهده ۽ ڪجھ ٻيون عورتون شامل آهن . مردن ۾ حفيظ  الله ۽ علي رضا جا نالا ٻڌڻ ۾ آيا آهن . پوليس شيلنگ ۽ فائرنگ ڪرڻ مهل عورتن ۽ ننڍن ٻارڙن جو به خيال ڪونه ڪيو ، قرآن شريف جي عزت به ڪونه ڪئي . پوليس جي هن قهري ڪارروائي تي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ رڙيون پئجي ويون . چوڌاري دانهون ۽ ڪوڪون هيون  . قيامت جهڙو منظر لڳو پيو هو . پر ، ڪارين وردين وارن کي ڪوبه رحم ڪونه آيو .هو ، پنهنجي آقائن کي راضي ۽ خوش ڪرڻ لاءِ ، ڪارروائي ڪندا رهيا ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙي دنگ ڪري ڇڏيائون .

مٿئين سڄي لقاء جي ڳالھه ، “ جهنگل جي باھ وانگر ” سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويئي . سڄي قوم کي ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿيو . پوليس جي هن ڪارروائي تي جيترو به ماتم  ڪجي بلڪل ٿورو ۽ نه هجڻ جي برابر آهي ، سنڌ جون ڪجهھ قومپرست ڌريون به ڄاڻايل ڳوٺ ڏانهن روانيون  ٿيون آهن . سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، سنڌ ترقي پارٽي ، قومي عوامي تحريڪ ، سنڌياڻي  تحريڪ  ، ڳوٺ بچايو ڪميٽي کان سواءِ ٻين پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هن ڳوٺ ۾ پهچڻ شروع ڪيو آهي . مسٽر غلام مصطفيٰ چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهون ، حڪومت ۽ پوليس جي خلاف احتجاج ڪيو . نعريبازي ڪئي ، ٽائرن کي باهيون ڏنيون . سنڌي زبان جي مشهور شاعر ۽ راڳي نورالله مهر ڊٻائي ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، اعجاز سامٽيو ، مشتاق سرڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي قومپرست اڳواڻن ڳوٺ غازي پهچي ، رهواسين کي آٿت ڏني ۽ چيو ته هو متاثرين سان گڏ آهن . پاڪستان تحريڪ انصاف جو نمائندو محترم حليم عادل شيخ به ڄاڻايل هنڌ پهتو .جنهن مظاهرين سان ملي عورتن کي دلجاءِ ڏيڻ ۽ سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ وچن ۽ واعدو ڪيو آهي .هڪ اطلاع موجب ٻيا به قومپرست اڳواڻ اتي پهچڻ وارا آهن . هي سٽون لکڻ مهل اهو معلوم ٿيو اٿم ته ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ به هڪ وڏي قافلي ۽ ريلي جي صورت ۾ ، اتي پهتو آهي . هن ريلي ۾ اسدالله ڀٽو ، اياز لطيف پليجو ، مولا بخش ٻرڙو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نامور شخصيتون شريڪ ٿيون آهن .

مٿيون قومپرست ڌريون ، مطالبو ڪري رهيون آهن ۽ حڪومت کان يڪراءِ ٿي اها گهر ڪري رهيو آهن ته ، ڄاڻايل آپريشن في الفور بند ڪيو وڃي . هن ڳوٺ کي ڊاهڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي . پر ،  حڪومت جي پاسبانن کي اها ڳالھ سمجهھ ۾ ڪونه ٿي اچي . هو ، ڪابه ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن . سنڌي ماڻهن کي تحفظ ته ڪونه ٿو ڏنو وڃي . پر ، ڪن قومپرست اڳواڻن تي من گهڙت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ڪوڙيون ايف آءِ آرز ڪٽيون ويون آهن . جن ۾ ، انهن تي دهشتگردي جا قلم به هنيا اٿن . هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، ڇا اهي واقعي دهشتگرد آهن؟ ڇا پنهنجي قوم جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ کي دهشتگردي چيو وڃي ٿو ؟ اهي ۽ اهڙن قسم جي ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب سنڌ حڪومت کان پڇڻ گهرجن . هن وقت پوليس جي قهري ڪارروائي تي سنڌي ماڻهون پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري چڪا آهن ۽ حڪومت جي اهڙي پاليسي کي رد ڪري ننديو پيو وڃي . پر ، سرڪار سڳوري خاموشي اختيار ڪئي آهي ، ڪوبه وزير ، مشير يا چونڊيل نمائنده پنهنجو رايو ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن .البته مسٽر نثار کهڙي هڪ بيان ڏنو آهي . جنهن ۾ حڪومت جي هن عمل جي تائيد ڪئي اٿس . سندس بيان سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر سمجهيو وڃي ٿو ، جنهن ڪري ان تي تنقيد به ڪئي پئي وڃي .

ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ، “سنڌ حڪومت اقتدار جي نشي ۾ انڌي ٿي  چڪي آهي نياڻين تي پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ وارو انتهائي افسوس ناڪ ۽ شرمناڪ آهي . حڪومت بلڊرمافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي وڪرو ڪري رهي آهي . ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاءِ گهرن کي ڊاهڻ ۽ تشدد سان ڳوٺاڻن کي هيسايو پيو وڃي ” . صعنان قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ، “ سنڌ حڪومت ڌارين کي تحفظ فراهم  ڪري رهي آهي . ڌرتي جي اصل وارثن کي بي گهر ڪرڻ لاءِ نياڻين مٿان شيلنگ ۽ فائرنگ جي مذمت ڪريون ٿا . اسان سمجهون ٿا ته ان عمل ۾ سڌو سنئون سنڌ حڪومت ملوث آهي ”. اياز لطيف پليجي به هن واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ، “ حڪومت افغانين تي نوازش ڪندي ، ڌرتي ڌڻين کي لڏائي رهي آهي .  ڳوٺاڻن کي فائرنگ ۽ ڳوڙها گيس جا شيل هڻي عورتن ۽ مردن کي سخت زخمي ڪيو آهي . ڳوٺاڻن تي حملي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي برطرف ۽ بلڊر مافيا کي گرفتار ڪيو وڃي . ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو ضيا ۽ مشرف جي دور ۾ به وطن ۾ بي وطن نه ڪيا ويا ”. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ پاران ، هن واقعي جي مذمت ڪئي آهي . هن چيو آهي ته ، غازي ڳوٺ کي ڊاهي ، سنڌي نياڻين جي پوليس وسيلي تذليل ڪري شيل هلايا ويا ۽ ڌارين ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي . جنهن جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪجي ٿي .

انهن کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي شخصيتن غازي ڳوٺ جي رهواسين سان همدردي ۽ حڪومت جي ان رويي جي مخالفت ۾ آواز اٿاريو  آهي . افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته ، سنڌ جا ماڻهو پ پ پ کي ووٽ ڏيئي ، انهيءَ جماعت کي ايوان تائين پهچائين ٿا پر ، سنڌين سان جيڪو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو ، کين جيڪي تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون . انهن جي باري ۾ مون وٽ لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪري سگهان . سنڌ جي عوام کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي . اسان جو مطالبو آهي ته، سنڌ جي عوام مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائڻ بند ڪيا وڃن . غازي ڳوٺ کي مسمار نه ڪيو وڃي ۽ اتان جي رهواسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي . ڪراچي ۾ جيڪي به سنڌي ڳوٺ آهن تن کي پڪو ڪري بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن . ڌارين جي آبادڪار ۽ سهولتڪاري نه ڪئي وڃي . ان سلسلي ۾ اقتدار ڌڻين کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي ۽ پنهنجو قبلو درست ڪرڻ وقت جي تقاضا آهي . اميد ته هن طرف توجهه ڏيئي سنڌ جي ڳوٺن ، وستين ۽ بستين جي حفاظت ڪئي ويندي . ٻئي حالت ۾ چند وڏيرن جي سواءِ سنڌ جو شعور متحد ٿي سگهي ٿو .

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.