ڇا عمران خان قانون جي نظر ۾ صادق ۽ امين نھ رھيو آهي؟

اليڪشن ڪميشن پاڪستان پاڪستا،ن تحريڪ انصاف خلاف داخل ڪيل فارين فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف خلاف فيصلو ڏيندي چيو آھي تھ ان غير ملڪين کان ممنوع فنڊ وصول ڪيو ھو،اليڪشن ڪميشن جي ٽي رڪني بينچ اھو فيصلو ڏنو آھي،فيصلي موجب  عمران خان اليڪشن ڪميشن وٽ ڪوڙ تي ٻڌل ڪاغذ جمع ڪرايا ھئا. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ۽ سندس چيئرمن جي ان عمل کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آھي،جنھن بعد پارٽي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو جي ھدايت ڏني وئي آھي.

اليڪشن ڪميشن ۾ ھي فيصلو گذريل اٺن سالن کان التوا ۾ پيل ھو،جڏھن تھ گذريل مھيني 20 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو ھو.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته تحريڪ انصاف ممنوع فنڊنگ حاصل ڪئي آھي.ڌرين جي دليلن  ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اھو فيصلو 20 جون تي محفوظ ڪيو هو، جنھن جي ٻڌائڻ جو ھڪ ڏينھن اڳ اعلان بھ ڪيو ويو ھو جيڪو اڱاري ڏينھن صبح جو ٻڌايو ويو.اھوڪيس  چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ محفوظ ڪيو ھو جنھن جي ٻين ٻن ميمبرن ۾ نثار احمد  ۽ شاهه محمد جتوئي شامل ھئا.

ٽنھي ميمبرن متفقھ فيصلو ڏنو آھي،جنھن موجب ،پي ٽي آءِ، عارف نقوي ۽ 34 پرڏيهي شهرين کان فنڊ ورتا،پي ٽي آءِ 8 اڪائونٽن جي ملڪيت ظاھر ڪئي ۽ 13 اڪائونٽس ڳجها رکيا.عمران خان اليڪشن ڪميشن وٽ ڪوڙو بيان ڏنو.اليڪشن ڪميشن ھاڻي پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اھو ٻڌايو وڃي تھ ڇو نھ پارٽي کي مليل فنڊ ضبط ڪيا وڃن ؟

فيصلي ۾ پي ٽي آءِ ،کي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ووٽن ڪرڪيٽ کان مليل فنڊنگ  کي ممنوع قرار ڏنو ويو آھي.۽ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڄاڻي واڻي ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ کان فنڊنگ حاصل ڪئي، انصاف عارف نقوي سميت 34 پرڏيهين کان فنڊنگ ورتي، ابراج گروپ، آءِ پي آءِ کان به فنڊنگ وري ۽ ت يوايس آءِ  کان فنڊنگ پڻ حاصل ڪئي،يو ايس اي ايل ايل سي کان بن ممنوع فنڊنگ ورتي.

فيصلي ۾  چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف 8 اڪائونٽس ظاهر ڪيا 13 اڪائونٽس کي ڳجها رکيا، اهي 13 اڻڄاتل اڪائونٽس سامهون آيا آهن جن جو تحريڪ انصاف رڪارڊ فراھم نھ ڪري سگھي.

فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن اھو بھ چيو ته عمران خان 2008ع کان 2013ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙا بيان جمع ڪرايا.پارٽي چيئرمين جي فنڊنگ درست ھئڻ وارو سرٽيفڪيٽ درست نھ ھو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان اڪائونٽس لڪايا، بئنڪ اڪائونٽس لڪائڻ آرٽيڪل 17 جي ڀڃڪڙي آهي.

فيصلي ۾ پي ٽي آءِ کي مليل ممنوع فنڊنگ ضبط ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آھي، فيصلي جي ڪاپي وفاقي حڪومت کي موڪلڻ جي به هدايت ڪئي آھي.

اهو فيصلو هڪ اهڙي وقت ۾ ٻڌايو پيو وڃي جڏهن اليڪشن ڪميشن طرفان 20 جون تي فيصلو محفوظ ڪرڻ کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف مهم تيز  ڪئي وئي هئي ۽ تازو ئي برطانيا جي اخبار ”فنانشل ٽائمز“ هڪ تحقيقاتي رپورٽ شايع ڪئي هئي.جنھن ۾ ٻڌايو ويو ھو تھ  ڪيئن برطانيه ۾ هڪ خيراتي ڪرڪيٽ ميچ ذريعي گڏ ڪيل 2 ملين ڊالر پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن ۾ جمع ٿيا ۽ ان عمل ۾ بزنس ٽائيڪون عارف نقوي جو ڇا ڪردار آهي.

پي ٽي آءِ جي باني اڪبر ايس بابر پاران داخل ڪيل ڪيس 14 نومبر 2014ع کان التوا ۾ آهي، اڪبر ايس بابر تي پارٽي جي پاڪستان ۽ پرڏيهه مان فنڊنگ ۾ سنگين مالي بي ضابطگين جو الزام هنيو هو، جواب ۾ عمران خان ۽ پارٽي اڳواڻ ڪنهن به قسم جي غلط بياني کان انڪار ڪندا رھيا آهن. سندن موقف رھيو آھي  ته فنڊ منع ٿيل ذريعن کان نه آيا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي مارچ 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي چئن ورھين بعد آخرڪار 4 جنوري تي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن دوران 95 جي لڳ ڀڳ ٻڌڻيون ٿيون.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان طلب ڪيل رڪارڊ جي 8 جلدن تي ٻڌل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ قيادت آمدني جي ذريعن ۽ ٻين ذريعن جا تفصيل فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي شهرين ۽ پرڏيهي ڪمپنين کان ڪروڙين ڊالر وصول ڪيا آهن. اربين رپيا گڏ ڪري فنڊنگ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي.رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ پرڏيهي شهرين ۽ ڪمپنين کان فنڊنگ حاصل ڪئي ۽ فنڊن جو اصل ڪاٿو ۽ ڪيترائي بئنڪ اڪائونٽس لڪايا.

رپورٽ موجب پي ٽي آءِ 10-2009ع کان 2012 ۽2013 جي 4 سالن جي عرصي ۾ 31 ڪروڙ 20 لک رپيا گھٽ ظاھر ڪيا ساليانو تفصيل ٻڌائي ٿو تھ سال 2012 ۽ 2013 ۾ 14 ڪروڙ 50 لک رپين کان وڌيڪ رقم ظاهر نه ڪئي.

رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي 4 ملازمن کي ذاتي اڪائونٽس ۾ چندو وصول ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري تڪرار جو به حوالو ڏنو ويو، پر اهو به واضح ڪيو ويو ته انهن جي اڪائونٽس جي جاچ ڪرڻ ڪميٽي جي دائري کان ٻاهر آهي، بھرحال  پي ٽي آءِ پاران سمورين  پارٽين لاءِ گڏ فيصلي ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو رھيو.جڏهن ته مسلم ليگ  جي اڳواڻي ۾ حڪمران اتحاد ڪيترن ئي ڏينهن کان فيصلي جو جلد اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي استعيفيٰ لاءِ 4 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.ھڪ اھڙي پارٽي جنھن غيرملڪي ادارن،فردن کان بھ رقم ورتي ھجي، جنھن ملڪ جي آئين جي بھ ڀڃڪڙي ڪئي ھجي،جنھن اليڪشن ڪميشن وٽ بھ ڪوڙ ڳالھايو ھجي اھڙي شخص تي ڏوھھ موجب سزا ڏيڻ واجب آھي،سوال ھي آھي تھ ڇا ان باوجود بھ عوام ھن کي صادق ۽ امين سمجھندو ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.