القاعده جو سربراهه ايمن الظواهري آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ حملو ڪري القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري کي ماري ڇڏيو آهي. الظواهري کي 9/11 حملن جي شڪي ماسٽر مائينڊن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن سومر جي رات هڪ تقرير ۾ چيو ته القاعده جو سربراهه ايمن الظواهري افغانستان ۾ ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي. 73 سالن جي ڄمار جو  ايمن الظواهري 2011 ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي آپريشن دوران القائده جي باني اسامھ بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ تنظيم جي ڪمان سنڀالي هئي. ايمن الظواهري جو مارجڻ  اسامه بن لادن جي مارجڻ بعد  القاعده لاءِ سڀ کان وڏو ڌڪ آهي.صدر بائيڊن، الظواهري جي مارجڻ  جي تصديق ڪندي چيو ته ”انصاف ٿي ويو آهي، هي دهشتگرد هاڻي ناھي رھيو، دنيا جي ماڻهن کي هاڻي انهن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي“آمريڪي عملدارن موجب اھا ڪارروائي ھفتي جي پڄاڻي تي ڪئي ھئي، پر موت جي تصديق ٿيڻ تائين خبر کي ڳجھو رکيو ويو ھو.بائيڊن تصديق ڪئي ته دهشتگردي خلاف آپريشن ”ڪامياب“ ٿيو ۽ ڪنھن بھ  شهري جي زندگي ضايع نه ٿي“آمريڪي صدر چيو ته ايمن الظواهري پنهنجي گهرڀاتين سان ملاقات لاءِ ڪابل پهتو هو. پر حملي ۾ "هن جي خاندان جو ڪو ٻيو ڀاتي زخمي ناھي ٿيو".

آمريڪي صدر جو چوڻ ھو تھ ھن آمريڪي عوام سان واعدو ڪيو هو ته اسان افغانستان ۽ ٻين هنڌن تي دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين ۽ اسان ايئن ڪيو، اسان اڄ  هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪريون ٿا ته ان ۾ ڪيترو به وقت ڇو نه لڳي، چاهي توهان ڪٿي بھ لڪي وڃو،جيڪڏھن  اسان جي ماڻهن لاءِ خطرو آهيو تھ آمريڪا توهان کي ڳولي ماري ڇڏيندو.

صدر بائيڊن چيو ته  القاعده جا اڳواڻ نه رڳو 9/11 جا ذميوار هئا پر 2010 ۾ يمن ۾ يو ايس ايس ڪول تي حملي جا به ذميوار هئا جنهن ۾ 17 آمريڪي مارجي ويا ھئا۽ هو ڪينيا۽ تنزانيا ۾ آمريڪي سفارتخانن تي ٿيل  بم ڌماڪن ۾ ملوث ۾ بھ ملوث ھئا.

ايسوسيئيٽڊ پريس نيوز ايجنسي اڳ ۾ هڪ سينيئر آمريڪي انٽيليجنس آفيسر جي حوالي سان ٻڌايو هو ته آمريڪي حملي دوران الظواهري جنهن گهر ۾ رهيل ھو، اھو طالبان جي سينيئر اڳواڻ سراج الدين حقاني جي ھڪ اھم مشير  جي ملڪيت آهي.ايمن الظواهري جي مارجڻ بعد طالبان جا واشنگٽن سان اڳ ۾ ئي ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي ويندا.هڪ سينيئر آمريڪي اهلڪار موجب طالبان جي اعليٰ قيادت کي ڪابل ۾ الظواهري جي موجودگي جي خبر هئي ۽ آمريڪا طالبان حڪومت کي ان قدم جي اڳواٽ وارننگ نه ڏني هئي.

آپريشن جا تفصيل ڏيندي، صحافين کي ٻڌايو ويو ته الظواهري تي حملي جي رٿابندي ڪيترن ئي سالن کان جاري هئي. هن چيو ته آمريڪي انٽيليجنس ھلندڙ سال ڪابل ۾ هڪ گهر ۾ القاعده جي سربراهه جي گهرڀاتين جي سڃاڻپ ڪئي، جنھن  ۾ سندس زال، ڌيءُ ۽ ٻار به شامل هئا.

"اسان الظواهري جي بالڪوني ۾ ڪيترا  ئي ڀيرا  سڃاڻپ ڪئي، جتي  آخرڪار ھن کي ماريو ويو“

هن وڌيڪ چيو ته الظواهري جي ڪابل ۾ موجودگي 2020 ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ دوحا معاهدي جي چٽي ڀڃڪڙي آهي.

طالبان جي پرڏيهي وزارت شروع ۾ ڪابل ۾ ڊرون حملي جي خبرن کي رد ڪيو،بعد ۾ طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد اڱاري جي صبح هڪ بيان جاري  آمريڪي ڊرون جي شيرپور واري علائقي ۾ هڪ رهائشي عمارت تي هوائي حملي جي تصديق ڪئي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته افغان حڪومت حملي جي مذمت ڪري ٿي، حملو عالمي اصولن ۽ افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي بابت 2020 جي دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

ياد رهي ته گذريل سال 31 آگسٽ تي افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ القاعده تي اهو پهريون آمريڪي حملو آهي. ايمن الظواهري هڪ مصري سرجن هو. هن کي 11 سيپٽمبر 2001 تي آمريڪا ۾ جاڙن ٽاورز تي حملن جي ماسٽر مائينڊن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.جنھن ۾ اٽڪل 3000 ماڻهو مارجي ويا ھئا الظھواري قاهره جي هڪ خوشحال ۽ مشهور خاندان ۾ 1951 ۾ پيدا ٿيو. ننڍي عمر ۾ئي پابندي مڙهيل جماعت اخوان المسلمين ۾ شامل ٿي ويو ھو، 1981ع ۾ مصري صدر انور سادات جي قتل جي الزام ۾ ٻين سان گڏ ھو بھ گرفتار ٿيو هو. ان الزام مان بعد ۾ ھو بري ڪيو ويو هو، پر هن کي هٿيار رکڻ جي الزام ۾ ٽي سال جيل ۾ رهڻو پيوھو.

 آزاد ٿيڻ کان پوءِ هو افغانستان آيو ۽  اسامه بن لادن سان گڏجي ڪري سوويت فوج خلاف جنگ ۾ حصو ورتو.الظواهري پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو. 1980ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ جڏهن اسامه بن لادن غارن ۾ پناهه ورتي ته الظواهري هن  جو علاج ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح هن سان تمام گهڻو ويجهو ٿي ويو. 1998ع ۾ هو اسامه بن لادن جو ساڄو هٿ بڻجي ويو. 2011ع ۾ آمريڪي فورسز هٿان اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ الظواهري القاعده جي ڪمان سنڀالي ورتي. آمريڪا سندس سر تي اڍائي ڪروڙ ڊالرن جو انعام رکيو هو. سندس موت جون افواهون پڻ گذريل سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا سامهون آيون ھيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.