آءِ ايم سوري بلوچستان!

ڪبير ڀيل

درد جي ڪا به سرحد ناهي هوندي ۽ برساتن لاءِ  ڪي به بارڊر ناهن هوندا! بلوچستان! اڄ  تنھنجا ٻچا پاڻي جي هانءُ ڦاڙيندڙ گهيرن ۾ لُڙھي رهيا آھن، ڪچا گهر ڀڃي ڀُڪا ڀُڪا ٿي ويا آھن ۽ کٽون پاڻيءَ ۾ تري رهيون آھن. پاڻيءَ حملا ڪري ماڻھو تيزي سان ماري رهيو آھي! پر خبر آھي توکي بلوچستان…؟ بلوچستان جا جبلو، واديو، صحرا ۽ ويرانيو! توهان کي ته پڪي خبر هوندي ته مظلوم قوم جو ڪو ڌڻي ڌوري ناهي هوندو پر مظلوم قوم جي معدني وسيلن جي مالڪي لاءِ  هرڪو ڇاتي تي هٿ ھڻندي دير ئي ناهي ڪندو ۽ ها تڏھن ئي ته هي مُلڪ معدنيات کڻڻ لاءِ  ڇاتي تي هٿ هڻندي بلوچن جي ڇاتي پرڻ ڪندو رهيو آھي، اڄ هن ڏُکي وقت ۾ ايٽمي طاقت رکندڙ مُلڪ بي حَسي جي پليٽ ۾ سفاڪيت جون سيويون  بي رحمي جي چمچي سان کائيندي، ٽيليويزن تي ٻُڏندڙ ماڻھن جا منظر ڏسي رهيو آھي

آءِ ايم سوري بلوچستان!

اسان وٽ صرف مذمت ۽ بي مددي محبت آھي جيڪا ارپيون پيا بس پر حُڪمرانن وٽ ڏيڻ لاءِ  ڪو آسرو ۽ آٿت به ناهي ڇاڪاڻ جو مظلوم قوم لاءِ  احساس اکيون بند ڪري سڪون جي ننڊ سمهي پوندا آھن ۽ تن کي جاڳائيندي آھي غيرت سو حُڪمرانن ۾ بلڪل به ناهي تنهن ڪري بلوچستان آءِ ايم سوري!

پھاڙن جو قسم بلوچستان، قومي غيرت ۾ روز حياتين جون قربانيون ڏيندڙ هي ڌرتي ڌڻي اڄ موت جي منھن ۾ بي دردي سان ان ڪري ئي مينهن هٿان مارجي رهيا آھن جو هنن غلاميءَ کي گار سمجهي بندوقن اڳيان پنهنجا فولادي سينا ساهي بيھڻ جي سگھ دليري سان ڏيکاري آھي، اڄ اهي وڏي صوبي جي لالچي، مڪار، ٻھروپ ۽ سامراجي سوچ ڌاري شروع کان ئي مالڪن جي صف جا ساٿي هجن ها ته هينئن بي يارو مددگار بڻجي نه مارجن ها  پر

آءِ ايم سوري بلوچستان!

اسين صرف لکي سگهون ٿا، رياستي مشينري ذريعي توهان جي ديس ڌڻين کي صرف اهي ئي بچائي سگهن ٿا جن جون بلوچستان جي سون ۾ بُري نيت واريون اکيون آھن پر اُهي ڪجهھ به نٿا ڪن آخر ڇو ائين!؟ ڇاڪاڻ جو مزاحمتي قوم جي قدرتي موت مرڻ ۾ ڦورو طبقو خوش هوندو آھي سو هي هڪ قوم جي محڪومي ۽ بالادست طبقي جي رهزن جي  مفادن جو مسئلو آھي سمجهئي بلوچستان

آءِ ايم سوري بلوچستان!!!

بلوچستان توهان جي بلوچن جي نصيب ۾ صوبائي سرڪار به ھميشه نالي ۾ نهال جيئان آھي، جيڪا بلوچن جي ڀلائيءَ لاءِ نه پر فقط اسيمبلي جو ڪورم پورو ڪرڻ خاطر ۽ نام نهاد جھموريت جو تقدس رکڻ لاءِ ھوندي آھي. جڏھن به ڪو سانحو ٿيندو آهي ته گھڻي ڀاڱي اھا صوبائي سرڪار مذمتي بيان يا پريس ڪانفرنس ڪري پنھنجو ڪم پورو سمجھندي آھي، اھا سرڪار ڪرپشن، اقربا پروري ۽ لاقانونيت جي حساب سان باقي صوبن کاڻ به گوءِ کنيو ويٺي آهي.

آءِ ايم سوري بلوچستان!!

او بلوچستان! تنھنجي سيني ۾ سون کان به مٿانهون شيون مدفون آھن، جنھن جو مالڪ بلوچ نه اھي سامراجي ڪمپنيون آهن جيڪي تنھنجي وسيلن کي تين وال ڪري پڇ لٽڪائو سردارن توڙي سرڪار سان سستا سودا ڪري پنھنجو ڀڀ ڀريندا آهن ۽ بدلي ۾ بلوچستان کي بک بدحالي، موت، جبري گمشدگي ۽ اجتماعي قبرن جي رائلٽي رسائيندا آهن!

ڪاش! تاريخ جي رڻ ۾ انصاف لاءِ ڀٽڪندڙ بلوچستان جي ساڻي وجود تي درد جو ڪو اھڙو نوحو لکي جو من ماءُ جھڙي ھن رياست جي من ۾ ڪو جهٻو اچي پر مُلڪ جو هر ليکڪ بلوچستان تي قلم کڻڻ کان اڳ سوچي ٿو ۽ بس ها رڳو سوچي ئي ٿو.

آءِ ايم سوري بلوچستان!

ڌرتي جي دل ڌڙڪي رهي آھي. بلوچستان ٻوڏ جي لپيٽ ۾ جيئڻ جا جتن ڪرڻ جهڙو به ناهي رهيو، مُلڪ جي وڏن اميرن جي گهر ۾ طرحين طرحين جا لذيذ طعام پچي رهيا آھن ۽ هوڏانھن اقتدار جي شترنج راند کيڏندي ملڪ جي سياست پلٽا کائي رهي آھي ۽ هيڏانھن باچا خان،  اڪبر بُگٽي، عثمان ڪاڪڙ ۽ حئي بلوچ جي قوم کي پاڻي تهس نهس ڪري رهيو آھي ۽ رياست جيڪا ماءُ آھي تنهن جي نڪ تي هڪ ڦُڙو به پاڻي ناهي! مُلڪ بچائيندڙ ادارا شايد اکين جي آپريشن ڪرائڻ ۾ مصروف آھن ۽ هوڏانھن بلوچن جي ڀينگ ٿي ويئي آھي.

بلوچستان! افغانين جي مدد ٿي سگهي ٿي ۽ يوڪرين جي پڻ پر آءِ ايم سوري بلوچستان شايد توهان پاڪستان ۾  ناهيو سو مُلڪ جي خزاني مان توهان جي مدد ممڪن ناهي!

آءِ ايم سوري بلوچستان!!

آءِ ايم ويري سوري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.