لاڙڪاڻي ۾ چاچي هٿان ڀائٽيو قتل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۾ چاچي هٿان ڀائٽيو قتل جوابدار فرار، واقعي جي ايف آءِ آر داخل، چاچي ڀائٽي کي زمين جي معاملي تان گولي هڻي قتل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالھ لاڙڪاڻي شهر جي لطيف ڪالوني ۾ جوابدار چاچي ذوالفقار جتوئي ۽ سندس ڀائٽي شهاب الدين جتوئي وچ ۾ زمين جي معاملي تان هلندڙ اختلاف ڀڙڪي پيا ۽ ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي ۽ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ جوابدار چاچي ذوالفقار جتوئي پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي ڀائٽي کي شديد زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو، پر مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، رحمت پور ٿاڻي جي پوليس لاش جو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو. ٻي طرف رحمت پور ٿاڻي جي پوليس واقعي جي مقتول جي چاچي ممتاز جتوئي جي فرياد ۾ گناھ نمبر 79 سال 2022 تحت جوابدار ذوالفقار جتوئي خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.