چين جي ڌمڪين باوجود نينسي پلوسي تائيوان پهچي وئي

تائي پي(م ڊ) چين پاران سنگين نتيجن جي ڌمڪين باوجود آمريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پيلوسي اڱاري رات تائيوان پهچي وئي آهي، هن جي دوري جي مخالفت ڪندڙ چين نواز گروپ پاران هوٽل ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، ڪجهه مظاهرين جي هٿن ۾ بينر کنيل هئا جن تي لکيل هو” گهر وڃ، جنگ جي جنوني“ پيلوسي تائيوان جي پارليامينٽ وڃڻ کان پهرين تائيوان جي صدر سائي ينگ وين سان ملاقات ڪندي ۽ ٻنپهرن جو انساني حقن جي ميوزيم ويندي، نينسي پلوسي جي تائيوان وڃڻ جي فيصلي کي آمريڪي ايوان صدر وائيٽ هائوس جي حمايت حاصل ناهي، چين ان دوري کي هڪ چائنا اصول جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي، ان سان عليحدگي پسند قوتن کي تائيوان جي آزادي لاءِ سنگين طور تي غلط پيغام موڪلي ٿو، چين آمريڪا تي زور ڀريو ته اهو تائيوان ڪارڊ کيڏڻ ۽ چين جي اندرين معاملن ۾ مداخلت بند ڪري، اڱاري تي چين آبنائي تائيوان ۾ چيني سرزمين ۽ تائيوان کي ورهائيندڙ غيررسمي لائن تائين پنهنجا جنگي جهاز موڪليا، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته چين ذميواري جو مظاهرو ڪري، ٻئي پاسي وائيٽ هائوس قومي سلامتي جان ڪربي چيو ته پلوسي کي ٻين آمريڪي ڪانگريس ميمبرن وانگر تائيوان وڃڻ جو حق آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.